ڪراچي: ڪي ايم سي جي خواجا سرائن وارين مخصوص سيٽن لاءِ پ پ پاران شهزادي راءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ شهزادي راءِ لکيو آهي ته هن ڪي ايم سي تي خواجا سرائن جي مخصوص سيٽ تي پنهنجو نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي، هن پ پ قيادت جو ٿورو مڃيندي لکيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خواجا سرائن کي به نمائندگي جو موقعو ملي رهيو آهي.