ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) سنڌ جي قديمي ماڳ کي بچائڻ جا موهن جو دڙو انتظاميا ڪي به اپاءَ نه ورتا،  يونيسڪو جي پرڏيهي ماهر جون تجويزون به ڪم نه اچي سگهيون، برساتي پاڻي ماڳ جي قديمي ڀتين ۽ آثارن کي شديد نقصان پهچائڻ لڳو، انتظاميا سکڻيون دعوائون ڪرڻ ۾ پوري آهي، يونيسڪو جي پرڏيهي ماهر جيري زائفراءِ 6 هين ڏينهن موهن جو دڙو جي قديم آثارن جو جائزو ورتو،  قديم آثار ايچ آر ايريا، وي ايس ايريا ۽ ڊي ڪي ايريا جي تهذيبي آثارن کي گهمي ڏٺو، موهن جو دڙو انتظاميا طرفان اماڳ جي قديمي ڀتين ۽ آثارن کي بچائڻ لاءِ ڏنل مٽيءَ جو گارو هلڪي برسات ۾ ئي لڙهي ويو،ڊائريڪٽر موهن جو دڙو شاڪر شاھ ميڊيا جي نمائندن پاران برسات کان بچاءَ بابت سوال پڇڻ تي لنوائيندو رهيو، ذريعن موجب ڏيڍ ڪروڙ يونيسڪو طرفان جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مان معياري ڪم ڪرڻ بدران جڳاڙ ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ يونيسڪو عملدار مس ڪرسٽينا، مقامي ماهر سنڌ، مهراڻ يونيورسٽي، اروڙ يونيورسٽي روهڙي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي آرڪيٽيڪچر شعبي جي شاگردياڻين به آثارن جو جائزو ورتو، يونيسڪو جي ماهر ٽيم ۾ شامل ميمبرن کي موهن جي دڙي جي بحالي ۽ ڪنزرويشن بابت تفصيلي آگاهي ڏني.