خيرپور (رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري خيرپور جي عدالت فيض محمد ناريجو ٿاڻي تي درج پنجن ڪيسن ۾ نامزد 35 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي. خبر موجب خيرپور ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج فيض محمد ناريجو ٿاڻي تي سال 2020 ۾ درج ٽن الڳ الڳ قتل ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن غلام علي، علي، الياس، حب علي، اظهر حسين، ظفر علي، فرمان، عمر فاروق، رستم علي، بلاول، صدرالدين، باغ علي، ماجد علي، آصف علي، ضمير حسين، طارق، اعجاز علي، ياسين، مظهرالدين، حاڪم علي، باغ علي، ماجد علي، نسيم علي، اعجاز علي، عبدالحليم، ياسين، غازي امان ۽ مظهرالدين ناريجو جي گرفتاري کان اڳ ضمانت مظور ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ساڳي ٿاڻي جي ڪيس نمبر 23 سال 2020ع ۾ جوابدار معشوق علي، غلام علي، عمر فاروق ۽ فرمان ناريجو ۽ سال 2021ع ۾ درج هڪ بئي ڪيس جي جوابدار حبدار عرف حب علي ناريجو جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.