لاهور)م  ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوليس آپريشن ڪري مرتضيٰ ڀٽو جيان مون کي گهر ۾ قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. زمان پارڪ مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته زمان پارڪ تي ائين حملو ڪيو ويو ڄڻ ڪو دهشتگرد لڪيل هجي، هنڌ هنڌ ناڪا هنيا ويا، ڪارڪننکي ريلي کان الڳ ڪيو ويو، اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙيو پيو وڃي، جڊيشل ڪامپليڪس ۾ گرفتاري لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو هيس. سندس موجب مون کي پاڻ پوليس وٽان ڄاڻ ملي ته اتي اڻڄاتل ماڻهو موجود هئا، جن کي سي ٽي ڊي جي وردي پاتل هئي، انهن جو پلان مرتضيٰ ڀٽو جيان مون کي قتل ڪرڻ هو، آءِ جي ان ۾ ملوث هو، انهن جو هڪ ٻيو پلان به آهي، جيڪو آءِ جي پنجاب، آءِ جي ڪي پي ۽ هينڊلرز گڏجي ٺاهيو آهي. هن چيو ٿي سگهي ٿو ته اهي زمان پارڪ ۾ ٻيهر آپريشن ڪن، آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد ٻه اسڪواڊ ٺاهيا آهن، جيڪي اسان جي ماڻهن ۾ شامل ٿي پوليس وارن تي فائرنگ ڪندا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه پوليس وارا مارجي ويندا، ان حملي جي جواب ۾ پوليس طرفان فائرنگ ٿيندي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جيان اسان جي ماڻهن جو رت وهايو ويندو، پوليس وارا پوءِ منهنجي گهر تائين پهچندا ۽ مون کي مرتضيٰ ڀٽو جيان قتل ڪيو ويندو. پنجاب پوليس جا 5 ماڻهو مونکي قتل ڪري سگهن ٿا، عمران خان چيو مون کي ته ڪيسن ۾ ضمانت ملي چڪي آهي، پوءِ به پوليس ڪو وارنٽ کڻي اچي ٿي ته اچي، مان گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر پنهنجي ماڻهن کي مرڻ نه ڏيندس، مون کي پنهنجي ڪيسن جي نه ڪارڪنن جي ڳڻتي آهي، عدليا اسان جي حقن جي حفاظت ڪري. هن چيو ته اليڪشن کان ڊنل ٽولي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو آهي، هي ڪيتريون به ڪارروائيون ڪن پر اسان ٽڪراءُ نٿا چاهيون.