لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مرتضيٰ ڀٽو جيان قتل ڪرڻ وارن الزامن جو سخت نوٽيس وٺندي ان جي مڪمل جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. نگران وڏي وزير بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران جا الزام سنگين آهن جن جي مڪمل انڪوائري ڪرائي ويندي. ان بعد هر صورت ۾ ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.