اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايوان صدر جنرل قمر جاويد باجوه بابت صدر عارف علوي سان منسوب ڪيل بيان کي غلط ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، ايوان صدر پاران صدر عارف علوي جي اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي 2018 جي عام چونڊن ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ عمران جي مدد بابت وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو،  ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صدر عارف علوي سان غلط بيان جوڙيو ويو، جنهن موجب صدر چيو هو ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ سندس ٽيم سينيٽ ۽ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي مدد ڪئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي ڏنل بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته مذڪوره بيان حقيقتن کان هٽي ڪري سامهون آندو ويو اهو بيان بي بنياد آهي.