اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چئرمين ڪارڪنن کي فوج خلاف ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته جهيڙو صرف باجوه سان هو، پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته جنرل عاصم جي اچڻ بعد مثبت تبديلي آئي آهي، هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ سان ٺهڻ چاهيون ٿا. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ معاشي بدحالي بعد ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ غير معمولي و اڌ کي امپورٽڊ حڪومت جي ناڪامي قرار ڏئي مذمت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، بدترين معاشي حالتن ۽ تيزي سان ڪر کڻندڙ دهشتگردي سميت اهم مامرن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس دوران اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ معاشي ٽيم کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي اٽي جي قيمتن ۾ تڪليف ڏيندڙ اضافي جي عوام تي پوندڙ اثرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ حڪومت جي ناڪام معاشي فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جي وڌندڙ امڪانن جو خصوصي جائزو وٺندي چيو ويو ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جا رپئي جي قدر، صنعت، روزگار جي فراهمي، عوام جي خريداري جي قوت ۽ غربت تي اثرن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، معاشي تباهي سان ملڪ جي خودمختياري ۽ دفاع ۽ سلامتي تي پوندڙ امڪاني اثرن جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ تيزي سان ڪر کڻندڙ دهشتگردي تي به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ آمريڪا ۽ يورپي يونين جي سفارتخانن پاران پنهنجي شهرين کي سفري هدايتون جاري ڪرڻ واري عمل کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي معيشت کانپوءِ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ امپورٽڊ حڪومت جي ناڪامي تي به سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو، جاري ڪيل بيان  مطابق عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪرپٽ، بدديانت ۽ نااهل گروهه معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو عوام جي جان، مال جي تحفظ ۾ به بري طرح ناڪام ٿي رهيو آهي، 8 مهينا اڳ تائين ملڪ معاشي طور مستحڪم ۽ دهشتگردي عملي طور تي ختم ٿي چڪي هئي، هاڻي ٻيهر ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 52 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي، هن چيو ته جنهن ملڪ کي دهشتگردي مان ڪڍي دنيا لاءِ سياحت جو مرڪز بڻايو هو ان کي وري دهشتگردي جي ور چاڙهيو پيو وڃي، اٽي جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافي سان ڪروڙين غريبن جي خوراڪ کان محرومي جا امڪان خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، قوم سوال پڇي رهي آهي ته معيشت جي تباهي کانپوءِ ڪنهن جي اشارن تي اندروني ڏڦيڙ کي هوا ڏني پئي وڃي، هن چيو ته چورن کي اين آر جو تحفظ ڏيڻ ڏيڻ لاءِ تباهي کي ملڪ ۾ رستو ڏيڻ وارو رويو فوري ڇڏي چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي اسپيڪر پاران فوري منظوري جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جي ميمبرن پاران اسپيڪر جي سامهون پيش ٿي استعيفائن جي تصديق ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ اسپيڪر پاران ٻاهرين ملڪ جي دوري تي روانگي جي سخت مذمت ڪئي وئي،  اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙڻ جي منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس دوران عمران خان ڪارڪنن ۽ پارٽي ترجمانن کي فوج خلاف ڳالهائڻ کان روڪيو ۽ چيو ته اسانجو جهيڙو رڳو جنرل باجوه سان هو.

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ سان ٺهي هلڻ جا خواهشمند آهيون، صدر عارف علوي ۽ اسحاق ڊار جي ملاقات ۾ بريڪ ٿيو نه ٿيو، هڪ انٽرويو دوران فواد چوڌري چيو ته 3 ڀيرا جنرل باجوه کي چيو ويو ته عمران خان اوهان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪندو، جڏهن ته عمران خان اهڙو ڪجهه سوچيو به نه هو، هڪ ته هر وقت رڪارڊنگز ٿيندي رهندي آهي، اهو به وڏو مسئلو آهي، اصطلاح کان هٽي ڳالهه ٻڌائي وڃي ته لڳي ٿو ته ڪا سازش ٿي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته جڏهن کان جنرل عاصم منير ڪمان سنڀالي آهي ته مثبت تبديلي آئي آهي، پاڪستان ۾ پهرين اسٽيبلشمينٽ حقيقت هئي، هاڻ عمران خان به حقيقت آهي، جيڪو عمران کي نظرانداز ڪندو، اهو ملڪ جو نقصان ڪندو، هن چيو ته هنن جي حڪمت عملي آهي ته عمران خان کي نااهل ڪري ڪرمنل ڪيس ٺاهيا وڃن ۽ پوءِ هڪ سال تائين اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي، انهي دوران سياسي طور تي هي ٻيهر ڪجهه حاصل ڪري وٺن. هن چيو ته هاڻ نه ڪالز اچي رهيون آهن ۽ نه وري عمران جو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ ڪجهه ايم پي ايز ڪالز اچڻ جي شڪايت ڪئي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ به چئي ڇڏيندا آهن، هڪ سوال تي هن چيو ته ڪو ڊبل گيم هلي يا ٽرپل، اسيمبليون ٽٽنديون، جنرل باجوه بابت پرويز الاهي جي پنهنجي راءِ آهي، هاڻ پرويز الاهي کان ته عمران خان راءِ نه وٺندو. ان کان اڳ  فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مارچ، اپريل چونڊن جا مهينا هوندا، 11 اپريل کان اڳ پنجاب ۾ اعتماد جو ووٽ وٺنداسين، ڪجهه ليگي صوبائي اسيمبلي ميمبر به اسان سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ چاهين ٿا. فرخ حبيب سان گڏ زمان پارڪ لاهور ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب جي اعليٰ قيادت ۽ مونس الاهي جو اجلاس ٿيو، اسان پنهنجي حڪمت عملي تي واضح آهيون، پي ٽي آءِ پنجاب جي پارلياماني گڏجاڻي جو شيڊول طئي ٿي ويو آهي، اجلاس ۾ 187 ميمبر شريڪ ٿيندا ۽ 11 جنوري کان گهڻو اڳ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪنداسين، فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته هن وقت نواز ليگ جا به ڪجهه صوبائي اسيمبلي ميمبر اسان سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ چاهين ٿا، اسان انهن کي به ڏسي رهيا آهيون، جن تڪن ۾ پي ٽي آءِ يا ق ليگ جا اميدوار ناهن، اسان انهن تڪن ۾ نواز ليگ جي اميدوارن لاءِ گنجائش ڪڍنداسين، چونڊون ويجهون آهن ۽ اسان عام اليڪشن طرف وڃي رهيا آهيون، اميد اها ئي آهي ته مارچ، اپريل اليڪشن جا مهينا هوندا، ان کان اڳ ان ڪري اسان ورڪنگ گروپس ٺاهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 8 مهينن ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ گورننس جي جيڪا تباهي ٿي آهي، ان لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، هن وقت ڪراچي ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2500 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسانجي دور ۾ ساڳيو اٽو 1300 رپيا هو، پي ٽي آءِ جي معاشي ماهرن عمران خان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻه طريقا آهن ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي توسيع نه ٿي ته يقينن پاڪستان ڊفالٽ ڪري ويندو ۽ وڏو بحران ايندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان آءِ ايم ايف جا شرط مڃي وٺون ٿا ته ان جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو ۽ انهي سان گڏو گڏ پاڪستان ۾ عام واهپي جون شيون ۽ توانائي بي پناهه مهانگائي ٿي ويندي، ٻئي طرف نوڪريون ختم ٿي رهيون آهن. فواد چوڌري چيو ته آپريشن رجيم چينج بعد پيدا ٿيل صورتحال کانپوءِ بدقسمتي سان دهشتگردي واپس اچي رهي آهي،  اڄ آمريڪا ۽ يورپي يونين پنهنجي سفيرن ۽ سفارتڪارن جي ٽيمن کي چيو آهي ته اهي اسلام آباد ۾ به ٻاهر نه نڪرن، فائيو اسٽار هوٽلز ۾ وڃڻ کان به کين روڪيو آهي. فوري چونڊن جو مطالبو ڪندي فواد چوڌري چيو ته هي حڪومت شڪست جي خوف کان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي،  اسان کي اميد آهي ته پاڪستان ۾ فيصلا ڪندڙ ماڻهو عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ به ملڪ جي صورتحال کي ڏسندي، پاڪستان کي هتي پهچائڻ ۾ سڀ قصوروار آهيون، پنهنجي پنهنجي ذميواري محسوس ڪريو ۽ پنهنجون غلطيون تسليم ڪري بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ ادارن کي به ۽ ٻين سياسي فورسز کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، نه ته گهڻي دير ٿي ويندي ۽ ان جا نتيجا پاڪستان لاءِ سٺا نه هوندا.