ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حلف کڻڻ وقت مون کي علم نه هو ته پاڪستان جي معيشت ايڏي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان جو ڏيوالو ٿي رهيو آهي پر حڪومتي ڪوششن سان ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي چيلنج هئا ۽ پوءِ ٻوڏ تباهي آندي، خاطري ٿو ڪرايان ته جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجي گهرن ۾ واپس نٿا وڃن سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته گذريل حڪومت پاڪستاني معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عمران خان پاڪستان جي عزت خاڪ ۾ ملائي، تحفي ۾ مليل خانه ڪعبه ماڊل واري گهڙي کپائي پيسا کيسي ۾ رکي ڇڏيا، پاڪستان جي جيتري توهين گذريل حڪومت ڪئي، اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي. شهبازشريف ته دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام ۽ ان ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل اجلاس گهرائي رهيو آهيان ۽ سمورا وسيلا استعمال ڪندي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين ته جيئن پاڪستان ۾ ٻيهر امن قائم ٿئي. وزيراعظم  شهبازشريف پوري پاڪستان ۾ 2017ع تائين ترقياتي ڪم ٿيا، ان کانپوءِ جي حڪومت هر شئي تي غلاف رکي ڇڏيو،  ڊيره اسماعيل خان تائين اولهه روٽ پاڪ، چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو حصو آهي ۽ 2017ع تائين ان جو مڪمل منصوبو بڻجي چڪو هو پر بعد ۾ جيڪا حڪومت آئي، ان معيشت جو ٻيڙو ٻوڙڻ سان گڏ انهن منصوبن کي به سرد خانن ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن بعد ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ختم ٿي وئي. هن چيو ته چيني حڪومت ۽ ٻين ملڪن کي ان وقت جي وزيراعظم عمران نيازي ايترو ناراض ڪيو هو، جيڪڏهن ان مان هڪ واقعو ٻڌايان ته سڀ حيران ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته ڊي آءِ خان تائين 50 ڪلو ميٽر روڊ جي اولهه روٽ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، جنهن سان 6 ڪلاڪن جو سفر 2 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو، ان کانسواءِ چشمه رائٽ ڪينال جو به بنياد رکيو ويو آهي، جنهن سان ڊي آءِ خان جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، اسانجي حڪومت وٽ 8 مهينا آهن، جنهن ۾ اسان انهن منصوبن تي ڪم ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ اليڪشن ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستاني عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته خانه ڪعبه جي ماڊل سان ٺهيل واچ وڪرو ڪندڙ کي ووٽ ڏيڻو آهي يا انهن کي جيڪي عوام جي حقيقي خدمتگار آهن. هن چيو ته پاڪستان جو عوام پريشان نه ٿئي، رهيل 8 مهينن دوران ملڪ کي بحرانن مان ٻاهر ڪڍي ڏيکارينداسين، ملڪ کي بحرانن مان ٻاهر ڪڍڻ بعد اليڪشن ڪرائينداسين، معيشت کي تباهه ڪندڙ هاڻي اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن، عوام جي ساٿ سان ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز جو مقابلو ڪنداسين.