لاهو (م ڊ) پنجاب جي گهرو صلاحڪار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر سرفراز چيما دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار کي باقاعده ٽريننگ ڏني وئي هئي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر سرفراز چيما چيو ته جوابدار نويد تربيت يافته حملي آور آهي، عمران خان تي حملي وقت هڪ کان وڌيڪ شوٽر هئا، جاچ ۾ ڪيترائي حملو ڪندڙ ثابت ٿيا، جلد سامهون اچي ويندا.  هن وڌيڪ چيو ته پولي گراف ٽيسٽ ۾ ثابت ٿيو ته گرفتار جوابدار جي بيان ۾ ڪابه سچائي ناهي، هينئر تائين جي جاچ ۾ ثابت ٿيو آهي ته عمران خان تي حملو سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهي، پولي گراف ٽيسٽ موجب جوابدار ڪجهه ڪوڙ ڳالهايا، جوابدار کان پڇيو ويو ته ٽريننگ ورتي آهي ته ٽيسٽ ۾ ريٽنگ مائنس هئي. عمر سرفراز چيما چيو ته اسان کي لانگ مارچ روڪڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، حڪومت طرفان عمران خان تي حملي جي مذمت نه ڪئي وئي، نواز ليگ اڳواڻ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيا، اسان جو مطالبو آهي ته جي آءِ ٽي جي حمايت ڪئي وڃي. پنجاب جي گهرو صلاحڪار وڌيڪ چيو ته جاچ کانپوءِ ئي معلوم ٿيو ته جوابدار اڪيلو نه هو، جوابدار نويد لاهور ڇڏي پنجن ڏينهن کانپوءِ وزيرآباد پهتو، معظم ڪنهن جي گولي جو نشانو بڻايو، ان تي اڃا جاچ ٿيڻي آهي، باقي هڪ ڳالهه جاچ ۾ ثابت ٿي چڪي آهي ته کيس عمران خان جي گارڊ جي گولي نه لڳي، فارنزڪ ٽيسٽ ۾ سيڪيورٽي گارڊز جا هٿيار ڪليئر ٿي چڪا آهن.