مورو (رپورٽ: وحيد رزاق مستوئي) مورو ۾ ڏينهن ڏٺي 3 هٿياربندن جو گهر تي حملو، عورت ٻارڙن سامهون ڇريون هڻي بيدردي سان قتل، معصومن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شهر جي وارڊ نمبر 23 جي ڏيپر محلي ۾ ڏينهن ڏٺي جو 3 اڻڄاتل هٿياربندن پورهيت ارباب ڏيپر جي گهر تي حملو ڪري سندس زال ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ تيموران ڏيپر کي ٻارڙن سامهون ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي دوران ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، اطلاع تي درس پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت تيموران جي امڙ مسمات نذيران زال اسحاق ڏيپر دانھون ڪندي چيو سندس نياڻي کي بااثر بيگ محمد ڏيپر قتل ڪرايو آھي، جنھن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، عورت جي ڀائرن ارباب علي ۽ نواب علي ڏيپر جو چوڻ ھو ته اسان کي فون تي اطلاع مليو، باقي معاملي جي ڪا خبر ناھي، سڌ پوڻ بعد ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو، ھنن ٻڌايو ته عورت جو مڙس ٻاھرين شهر ۾ مزدوري ڪندو آھي، ھنن پوليس کي ٻڌايو ته ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ڌمڪيون ڏيندا هئا ته اوهان جي ڀيڻ جو هتي نڪاح ٿيل آهي، ان کي حوالي ڪريو، شڪ آھي ته انهن کيس قتل ڪيو آهي، مقتول عورت ڪنڊيارو لڳ حاجي علي نواز ڏيپر جي رھواسڻ آھي، جنھن جي مورو ۾ شادي ٿيل ھئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.