موغاديشو(م ڊ) صوماليا جي راڄڌاني ۾ تعليم واري وزارت ٻاهران ٻن ڪار بم ڌماڪا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ سندن هٿن ۾ کنيل ٻارڙا به شامل آهن، ملڪ جي صدر حسن شيخ محمود حملي جو ذميوار پابندي پيل تنظيم الشباب تي لڳايو آهي.