مورو (ن پ ا) مورو ۾ موٽروي جي جونيئر پوليس اھلڪار ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪوارٽر مان ٽنگيل حالت ۾ لاش هٿ، سندس لکيل ليٽر هٿ، خبر موجب موٽروي پوليس اھلڪار عبدالرحيم  ٻگھيو جو پنھنجي ڪوارٽر مان ڦاھو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي موٽر وي پوليس آفيسرن پهچي لاش لاھي اسپتال آندو، موٽر وي پوليس آفيسر فقير عجيب ھيسباڻي ٻڌايو ته جونيئر پوليس اھلڪار ھو، پنھنجي ڪوارٽر ۾ ھو، جتي گھڻي دير تائين ھيٺ نه اچڻ تي سندس گڏ ڊيوٽي ڪندڙ فون ڪال ڪئي جيڪا هن اٽينڊ نه ڪئي ته ھو سندس ڪوارٽر تي ويو، جتي لاش ٽنگيل ڏسي اطلاع ڏنو، هن ٻڌايو ته نوجوان جي ڪوارٽر مان ھڪ ليٽر مليو آهي، جنھن ۾ ھن لکيو آھي ته مان ھڪڙي غلطي ڪئي آھي، جنھن تي گھر ڀاتين جي عزت خراب ڪرڻ نٿو چاھيان، مونکي معاف ڪجو، سمورا خوش ھجو، جنهن ڪري آپگهات ڪري رهيو آهيان، ھن چيو ته نوجوان يونيورسٽي مان ماسٽر ڪري رهيو هو، تمام بھترين طبعيت جو مالڪ ھو، خبر ناهي هن اھڙو قدم ڇو کنيو،