کورواھ (ن پ ا) کورواهه کان کورواھ چوڪ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي پٿرن جو ڍير بڻجي ويو آهي. 3 سال اڳ تعمير ٿيل روڊ ۾  مبينا ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب روڊ ۾ کڏا پئجي ويا آهن، جنهن ڪري مسافر سخت پريشان آهن. ان ڏس ۾ مسافرن طفيل مڱڻهار علي نواز لوهار اسلم رند ۽ ٻين پهنجي اخبار آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڪيتري عرصي کان هي روڊ تباھ هو ڪيترن ئي احتجاجن بعد روڊ تعمير ٿيو جنهن ۾ به ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري روڊ ٽن سالن کان پوء ٻيهر ٽٽي تباھ ٿي ويو آهي. هنن چيو ته روڊ ٽٽڻ کانپوء هلڻ جوڳو ناهي رهيو جنهن سبب مسافرن کي سخت تڪليفون ڏسڻيون پئجي رهيون آهن هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته روڊ ٻيهر تعمير ڪرائي ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.