ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو_ حيدرآباد روٽ جي ٽرانسپورٽن وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين  شاھ  شيرازي ۽ وڏي وزير جي خصوصي معاون ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي پنهنجي سرپئنچي ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ گھڻي وقت کان ٺٽي جي بروھي ۽ خشڪ برادري جي ٽرانسپورٽرن شاھجھان بروھي ۽ واحد خشڪ وچ ۾ ھلندڙ وين سروس واري پراڻي تڪرار جو نبيرو شيرازي ھائوس ٺٽو تي  شفقت حسين شاھ شيرازي ۽ رياض حسين شاھ شيرازي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنھن ۾ شاھجھان بروھي، شاھنواز بروھي، واحد خشڪ، الھبخش عرف بابو بروھي،  خير محمد بروھي، نواز بروھي سميت ٻنھي ڌرين جا وڏي تعداد ۾ ماڻھون موجود ھئا. فيصلي ڪندڙن ٻنھي ڌرين جو ڳالھيون ٻڌي وين سروس واري پراڻي تڪرار کي ختم ڪري کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو.