مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ گلڻ چانڊيو ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل حالت  ۾ مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش لاھي مورو اسپتال آندو، جتي سڃاڻپ دريا خان عرف ببلو ولد راجا چانڊيو طور ڪئي وئي، پوليس ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان بيروزگاري ۽ گهرو مسئلن سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي،