ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ الھندو تيوڻو ۾ مبينا زھريلو گاهه کائڻ سبب 20 گڏھ مرڻ جو انڪشاف  ٿيو آھي. ڳوٺاڻن رياض تيوڻو، راشد، اعجاز تيوڻو احتجاج ڪندي ۽ الزام ھنيو ته اسان جي گھرن ٻاھران ٻڌل گڏھن کي ڳوٺ جي بااثر جوابدارن کاڌي ۾ زھر ملائي کاڌو کارايو جنھن سبب 20 گڏھ مري ويا آھن ھنن چيو ته اسان کاڌي واريون تگاريون سڃاتيون آھن جن مان خبر پئي ته اسان جي ڳوٺ جا ئي شرپسند ماڻھون آھن جن اسان سان ظلم ڪيو آھي ھنن چيو ته اسين مسڪين پورھيت گڏھ گاڏن تي مزدوري ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندا آھيون ظالمن ظلم ڪري اسان کي بي روزگار ڪري ڇڏيو ھنن وس وارن ۽ آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بااثرن کي پڪڙي سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.