مورو (ن پ ا) مورو ويجھو نينگر پسٽل جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، خبر موجب ڳوٺ لونگ خان ماڇي ۾ گھر اندر پسٽل جي گولي لڳڻ سبب 12 سالن جو شيراز علي سولنگي مارجي ويو، نينگر جو لاش مورو اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ ھو ته نينگر پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي، هوڏانهن نينگر جو لاش گھر آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو،