ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ۾ 3 ٻارن جي ماءُ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي گيان پاڙي ۾ ٽن ارن جي امڙ 25 ورهين جي ماروي ميگھواڙ زال مڪيش کوکر گهر ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پاڙيسرين موجب ناري جو مڙس ڪراچي مزدوري تي ويل هو، سهرو ۽ سس ٻني تي ويل هئا ته ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڪلوئي پوليس پهچي ناري جو لاش ڏيپلو اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن کيس ٻڌايو ته ناري جو دماغي توازن صحيح نه هو، ناري جي سهري ڀلجي ميگھواڙ ٻڌايو ته ننهن ڪافي عرصي کان بيمار رهندي هئي، جنهن ڪري هن آپگهات ڪيو،