مورو (ن پ ا) مورو شھر جي فروٽ سبزي منڊي ۾ مگسي ۽ ڪورائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 10 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ محمد ھارون، محمد فاروق، خادم، ممتاز، يونس، نياز ڪورائي، حضور بخش، رحيم بخش، عبدالجبار، واحد بخش، عبداللطيف، الاھي بخش، عامر علي، علي حيدر مگسي شامل آھن، جن کي اسپتال آندو ويو، جتان ٽن ڄڻن کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌرين ۾ سبزي وڪرو ڪرڻ واري معاملي تان جھيڙو ٿيو، ڌرين ۾ گذريل ڏينھن منھن ماري به ٿي ھئي، پوليس مورو اسپتال پھچي ٻنھي ڌرين جي ڪجھه ماڻھن کي گرفتار ڪري رپورٽ داخل ڪري ورتي آھي.