سکر (بيورو رپورٽ) دهشتگرديءَ جي انت واري سکر عدالت شهيد خالد محمود سومرو قتل ڪيس بابت جوابدارن جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي جي عدالت پاران شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي سينٽرل جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدارن جي وڪيلن جي بيماري باعث غيرموجودگي واري درخواست تي عدالت ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن سبب شاهد جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو. ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل اطهر عباس سولنگي، طارق سومرو، مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ ٻيا پيش ٿيا.