سکر (بيورو رپورٽ) تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾  برسات متاثر خاندان يرغمال، روڪ رقم، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڦر. تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گوسڙجي ۾ گھر ڪِرڻ سبب اسڪول ۾ پناهه ورتل عبدالحميد ھڪڙي ۽ عورتن سميت ٻين گهرڀاتين کي 5 کان وڌيڪ ھٿياربند يرغمال بڻائي روڪ رقم، موٽر سائيڪل، ڪپڙا، زرعي زمين جا ڪاغذ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر عبدالحميد هڪڙي دانھيندي چيو ته اڳ ۾ اسان جو برساتن سبب سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو، ويتر رات ھٿيار بندن خاندان کي يرغمال بڻائي ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ھنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.