اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ مهانگائي جي سونامي آڻي ڇڏي، پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 22 رپيا 20 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾17 رپيا 20 پيسا، گاسليٽ جي قيمتن ۾ 12 رپيا 90 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 9 رپيا 68 پيسا واڌ ڪئي وئي، نيون قيمتون اڄ 16 فيبروري کان لاڳو تصور ٿينديون، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، تفصيل موجب رات دير سان ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق  وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر تي 22 رپيا 20 پيسن جو اضافو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر جي قيمت 249 رپيا 80 پيسن کان وڌي 272 رپيا تي پهچي وئي آهي، حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 17 رپيا 20 پيسن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 262 رپيا 80  کان وڌائي نئين قيمت 280 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾ 12 رپيا 90 پيسن جي واڌ ڪئي وئي آهي،جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي في ليٽر جي قيمت 189 رپيا رپيا 83 پيسن کان وڌي 202 رپيا 73 پيسن تي پهچي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 9 رپيا 68 پيسن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 187 رپيا مان وڌي 196 رپيا 68 پيسن تي پهچي وئي آهي، ٻئي طرف وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي قدرتي گيس جي قيمتن ۾ اي سي سي پاران ڪيل اضافي جي روشني ۾ گيس قيمتن ۾100 سيڪڙو اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايل پي جي تي هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سبب ايل پي جي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويوآهي،ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ 27 رپيا اضافو ٿيو آهي،جنهن کان پوءِ 11 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 3114 رپين کان وڌائي 3141 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪمرشل سلينڊرن جي قيمتن ۾ 102 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، ڪمرشل سلينڊر جي قيمت 12086 رپين تائين پهچي وئي آهي.