سگريٽ، موبائل فون، کاڄرو تيل، صابڻ، ميڪ اپ، بسڪٽ، ٽافيون، چاڪليٽ، ٽي وي، رانديڪا مهانگا

0
370

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 7 مهينا 15 ڏينهن کان پوءِ هڪ ڀيرو وري قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، حڪومت لڳ ڀڳ سمورين شين تي جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي، لگزري شين تي جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو کان وڌائي 25 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، مني بجيٽ ۾ موبائيل فون، شادي جي تقريبن، هوائي جهاز جي سفر، کاڄرو تيل، ٻارن جي رانديڪن، شيمپو، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ، ٽي وي، ايل اي ڊي، ايل سي ڊي، سگريٽ سميت ٻيون شيون مهانگيون، تفصيل موجب  ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ دير سان اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو

اجلاس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار مالي سال 2022-23ع جي فنانس بل ۾ ترميمي بل يعني مني بجيٽ وارو بل پيش ڪيو، فنانس بل ذريعي لڳ ڀڳ سمورين کاڌي پاتي توڙي استعمال جي عام شين تي جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، شادي هالن ۽ هوٽلن تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت شادي جي تقريبن جي بل تي 10 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ڪمرشل لانز، ڪلب تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، فنانس بل ۾ موبائيل فونن تي ٽيڪس ۾ اضافي جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، فضائي ٽڪيٽن تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ٿيندي، جڏهن ته مشروبات جي رٽيل پرائيس تي به 1 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندي، سيمينٽ جي في ڪلو تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ڏيڍ رپين کان وڌائي 2 رپيا في ڪلو ڪئي وئي آهي، ٽيئر ون ڪيٽيگري جي في هزار سگريٽن تي سيلز ٽيڪس ساڍا 16 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ٽيئر 2 ڪيٽيگري جي في هزار سگريٽن تي ٽيڪس 5 هزار 50 رپيا، سگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي،  پيش ڪيل ترميمي فنانس بل ۾ 500 ڊالر جي مهانگي موبائيل فون تي جي ايس ٽي 17 سيڪڙو کان وڌائي 25 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، اهڙي ٽيڪس سمورين امپورٽيڊ موبائيلن تي لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، هوائي سفر جي فرسٽ ۽ بزنس ڪلاس ۾ ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جن تي فضائي ٽڪيٽ ۾ 20 سيڪڙو کان 50 هزار تائين فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي

Cigarette Smoking Rates Down Sharply Among U.S. Young Adults

جڏهن ته سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ سبب ڊٻي ۾ بند سمورين کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون وڌنديون، کاڄرو تيل، بسڪيٽ، جيلي، نوڊلز، ٻارن جي رانديڪن، چاڪليٽن، ميڪ اپ جي سامان، شيمپو، ڪريم، لوشن، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ، شيونگ فوم، شيون جيل، شيونگ ڪريم، شوينگ بليڊز تي به جي ايس ٽي 17 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ائين اليڪٽرانڪس جي شين جن ۾ ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، گيجٽس ، سمارٽ فونز، آءِ پيڊز، ٽي وي، ايل اي ڊي، ايل سي ڊي، جوسر مشينن سوڌو گاڏين کي چمڪائيندڙ ڪريم، پرفيوم، عطر تي به سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۾ اضافي سان 55 ارب رپيا اضافي وصول ٿيندا، جڏهن لگزري امپورٽيڊ شين تي جي ايس ٽي جي شرح 25 سيڪڙو تائين ڪئي وئي آهي، لگزري شين تي ٽيڪس ۾ اضافي سان 60 کان 70 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويندا.

اسلام آباد: ناڻي وزير اسحاق ڊار ملڪ جي معاشي قومي پاليسي بنائڻ لاءِ سمورين پارٽين کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال ابتر ڇو ٿي بابت ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ ان حوالي سان تقرير ڪندي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي گذريل پنجن  سالن واري دور ۾ مجموعي قومي پيداوار جي حجم ۾ 112 ارب ڊالر  جو اضافو ٿيو، پي ٽي آءِ جي ناقص معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ جي ڊي پي ۾ صرف 26 ارب ڊالرن جو اضافو ٿي سگهيو، 2013ع ۾ جڏهن حڪومت ۾ آيا هئاسون ته پاڪستان ۾ في ڪس آمدني 1389 ڊالر هئي،  جنهن ۾ اسان جي دور ۾ 379 ڊالر في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ في ڪس آمدني 1768 ڊالرن تي پهتي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي دور ۾ في ڪس ۾ آمدني ۾ رڳو 30 ڊالرن جو اضافو ٿيو، 2018ع ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 100 ارب ڊالر جي ويجهو هئي، پي ٽي آءِ ان کي پنهنجي دور ۾ 26 ارب ڊالرن تي آڻي بيهاري ڇڏيو، اهو عمل سرمائيدارن جو پي ٽي آءِ حڪومت تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت اقتدار ۾ آئي ته ملڪ مٿان 1947ع  کان 2018ع تائين واجب الادا قرض 24553 ارب هئا، پي ٽي آءِ 4 سالن جي دور ۾ ان قرض کي وڌائي 44383 ارب تي پهچائي ڇڏيو، اسان جي حڪومت ۾ ملڪ مٿان قرض جي ڊي پي جو 63.7 سيڪڙو هئا

Why Did We Start Wearing Makeup? | Britannica

پي ٽي آءِ  قرضن کي وڌائي جي ڊي پي جي 73.5 سيڪڙو تائين پهچايو، جنهن ڪري هر سال قرضن تي وياج جي ادائگي 5 هزار ارب کان وڌي وئي، اسان جي حڪومت  دوران اچانڪ هڪ غير سياسي تبديلي آندي وئي، جنهن هڪ ڪامياب ۽ ڀرپور مينڊيٽ رکندڙ حڪومت کي معذور ڪري ڇڏيو، 2018ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ هڪ سليڪٽيڊ حڪومت وجود ۾ آئي، ان سليڪٽيڊ حڪومت جي معاشي ناڪامين تي ايترو ئي چوڻ ڪافي سمجهان ٿو ته جيڪو ملڪ دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي چڪو هو، اهو 2022ع ۾ هيٺ اچي 47هين معيشت بڻجي ويو، هن مطالبو ڪيو ته ان معاشي خراب صورتحال جا سبب ڄاڻڻ لاءِ هڪ قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا ان ڳالهه جو تعين ڪري ته ملڪي مفادن خلاف اها سازش ڪيئن ۽ ڪنهن ڪئي، جنهن جي اڄ پوري قوم ڳري قيمت ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت کي هڪ بيمار معيشت ملي، موجوده حڪومت کي آئي اڃا ڪجهه مهينا گذريا هئا ته تاريخي ٻوڏ جي آفت پوري قوم کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ڄڻا فوت ٿيا، ٻوڏ ۾ 8 هزار ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، عمران خان حڪومت 2019ع ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو جن ماڻهن اهو معاهدو نه پڙهيو آهي اهي هڪ ڀيرو معاهدو ضرور پڙهن، ان معاهدي اڄ جي حالتن ۾ ٻرندڙ باهه تي تيل جو ڪم ڪيو آهي،  معاهدا حڪومت جا نه پر رياست جا هوندا آهن، ستم ظريفي اها آهي ته عمران خان جي حڪومت پنهنجي ئي ڪيل معاهدي کي ٽوڙيو،  نتيجي ۾ آءِ ايم ايف جو معاهدو معطلي جو شڪار ٿي ويو، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ڀروسي جي حوالي سان هڪ خال پيدا ٿي ويو، اسان ان معاهدي تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو، جنهن سان تمام سياسي پارٽين  کي عوامي سطح تي بي پناهه نقصان ٿيو پر اسان کي اهو پختو يقين هجڻ گهرجي ته رياست کي سياست تي فوڪيت هجڻ گهرجي اگر رياست آهي ته سياست آهي، آءِ ايم ايف مشن سان اسان جي معاشي ٽيم 31 جنوري کان 9 فيبروري تائين 10 ڏينهن ڳالهيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مفاهمت ٿي، 170 ارب رپين جي اضافي ٽيڪس وصولين تي اتفاق ڪيو، ايف بي آر ٽيڪس حدف پورو ڪندو

بجلي جي شعبي جي گردشي قرضن جي حوالي سان ڪيترن ئي سالن کان بحران هلي رهيو آهي، بجلي چوري، لائين لاسز، بلن جي ادائگي جي نتيجي ۾ 3 هزار ارب جي لڳ ڀڳ بلن مان رڳو 1600 ارب رپيا وصول ڪيا وڃن ٿا، هر سال 1400 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، جيڪو معيشت لاءِ فڪر جو لمحو آهي، ان قسم جي نقصان جي ڪا به رياست متحمل نه ٿي ٿي سگهي، گردشي قرض اڳوڻي حڪومت 1148 ارب کان وڌائي 2467 ارب رپين تائين پهچائي وئي آهي، ان صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ لازم  آهي ته ڪجهه مشڪل فيصلا ڪيون، جيڪي بجلي جي نظام لاءِ انتهائي ضروري آهن، ان حوالي سان عالمي مالياتي ادارن به توانائي شعبي ۾ سڌارن کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي، حڪومت جن سڌارن آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هن سال 855 ارب جي گردشي قرض کي گهٽ ڪري 336 ارب تي آندو ويندو، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هن ترميمي فنانس بل ذريعي اهڙا ٽيڪسون لڳايون جنهن جو سڌي ريت غريب ۽ وچولي طبقي تي بار گهٽ پوي، جنهن ڪري عام استعمال جي شين تي اضافي ٽيڪس لاڳو نه ڪيو آهي، امير طبقي تي اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي حڪمت عملي تحت هاڻي لگزري شين تي جي ايس ٽي 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هوائي سفر تي فرسٽ ڪلاس ۽ بزنس ڪلاس ۾ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 20 سيڪڙو کان 50 هزار رپين تائين وڌائي پئي وڃي، شادي هالن جي تقريبن جي بلن تي 10 سيڪڙو وٿ هولڊ ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، عالمي صحت جي اداري ڪجهه اهڙين شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي سفارش ڪئي جيڪي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جن ۾ سگريٽ، ڊرنڪس شامل آهن انهن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ اضافي جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، تماڪو جي في ڪلو تي ڏيڍ رپيو ايڪسائيز ڊيوٽي مان وڌائي 2 رپيا ڪئي وئي آهي، جي ايس ٽي 17 سيڪڙو کان 18 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته عام استعمال جي شين ڪڻڪ، چانور، کير، دالين، سبزين، فروٽ، مڇي، آنن، کليل گوشت ۽ مرغي تي اضافي ٽيڪس نه لڳائي وڃي، ان ڳالهه جو احساس آهي ته مهانگائي غريب ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي

جنهن ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماهوار مالي امداد وٺندڙن  جي وظيفي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ 40 ارب رپيا اضافي رکيا پيا وڃن، وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا کي سادگي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ان حوالي سان جلد وزيراعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ملڻ سان مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيندو، وزيراعظم تازو ئي هاري پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت اسٽيٽ بينڪ هارين کي زرعي قرضن جي فراهمي جو حدف 1819 ارب رپيا مقرر ڪيو جنهن ۾ 400 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم يوٿ بزنس قرض اسڪيم تحت 30 ارب رپين جا قرض ڏينداسين، زرعي مشينري جي فراهمي لاءِ 6.4 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، يوريا ڀاڻ هارين لاءِ قابل خريد بنائڻ لاءِ 30 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، ننڍن ڪاروبارين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 5 سالن تائين پراڻا ٽريڪٽر امپورٽ ڪرڻ جي اجازت سان گڏ ڪسٽم ڊيوٽي جي رعايت به ڏني وئي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي ايجنڊا جي ضرورت آهي، اسان کي گڏجي ويهي هڪ قومي معاشي ايجنڊا مرتب ڪرڻ گهرجي، چاهي ڪا به حڪومت اچي اسان کي ان تي هڪ ٿي عمل ڪرڻ گهرجي، ان معاشي ايجنڊا ۾ ڪا تبديلي نه اچڻ گهرجي، اڄ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ته اسان هڪ ٿي معاشي روڊ ميپ طئي ڪيون ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃون، سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته گڏجي ويهي ملڪ جي معاشي مستقبل بابت هڪ قومي سوچ اختيار ڪيون

هي به پڙهندا

پيٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مني بجيٽ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو