ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي، پاليسي ريٽ 16 سيڪڙو برقرار، ٻوڏ دوران ملڪي معيشت تي تمام وڏو اثر پيو، وڏي پيماني تي چانورن جو فصل تباهه ٿيو،  اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪندي پاليسي ريٽ 16 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته مهانگائي جو دٻاءُ توقع کان وڌيڪ آهي ان ڪري قرض جي شرح ۾ اضافو ڪري مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي استحڪام کي پيش ايندڙ خطرن تي ضابطو آڻي سگهجي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاشي سست رفتاري سبب مهانگائي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي سرگرمي ۾ سست رفتاريءَ سان گڏ خانگي شعبي تي به اثر پيو آهي، پهرين ٽه ماهي پاليسي دوران صرف 86.2 بلين رپيا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 226.6 بلين جو اضافو ٿيو هو. هوڏانهن مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب انتظامي قدمن سان ملڪي معيشت تي وڏو اثر پيو، جنهن ۾ سيمينٽ، پي او ايل ۽ گاڏيون،بجلي جي پيداوار ۾ مسلسل پنجن مهينن ۾ گهٽتائي 5.2 سيڪڙو رهي،  جڏهن ته صرف برآمدي شعبن ۾ مثبت ڪردار رهيو، جڏهن ته زراعت خاص طور تي چانورن جي وڏي پيداوار ۾ نقصان، ڪپهه  فصل جي مينيوفيڪچرنگ ۽ تعميرات ۾ تيز رفتاري سان هن سال واڌارو ٿيندو. ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته هڪ ارب ڊالرن جي بين الاقوامي بانڊ جي واپسي مقرر تاريخ کان 3 ڏينهن اڳ 2 ڊسمبر تي ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر بريفنگ دوران ٻڌايو ته بانڊ 5 ڊسمبر تائين ادا ڪرڻا هئا، جيڪا مجموعي طور تي 1.08 بلين ڊالر آهي.هن چيو ته فنڊنگ مختلف ذريعن کان ٿيڻي هئي ته جيئن پرڏيهي ذخيرن تي ڪو به اثر نه پوي ۽ 500 ملين ڊالر فوري طور تي ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ کان اڱاري تائين دستياب ٿيڻ جي اميد هئي. پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ۾ 18 نومبر تائين 7.8 بلين ڊالرن جا ذخيرا موجود هئا، جيڪي صرف هڪ مهيني جي درآمد لاءِ ڪافي آهن. جميل احمد چيو ته ذخيرن جي سطح جو دارومدار ڊالر جي متوقع آمد ۽ دوست ملڪن کان قرضن جي فراهمي تي هوندو، پر مالي سال جون 2023ع جي آخر تائين ذخيرن جي سطح ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيندو.هن چيو ته پرڏيهي ذريعن کان فنڊنگ بروقت ٿيندي ڇو ته عالمي قرض ڏيندڙن کان به فنڊز ايندا ۽ نومبر ۾ 1.8 بلين ڊالر جي ادائگي باوجود قومي ذخيرا مستحڪم آهن.