اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  هفتي دوران ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن مهانگائي جي شرح ۾ 0.48 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 30.16 سيڪڙو رهي آهي، ملڪ ۾ گذريل ڇهن هفتن کان مهانگائي جي شرح ۾ واڌ وارو لاڙو رهيو آهي.شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 19 شين جي اگهن ۾ واڌ جڏهن ته 9 شين جي قيمتن ۾ لاٿ آئي، رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران بصرن جي في ڪلو قيمت 4 رپيا 48 پئسا، کنڊ في ڪلو اگهه ۾ 1 رپيو 20 پئسا اضافو ٿيو، هڪ هفتي دوران آنن جي في درجن اگهه ۾ 21 رپيا 50 پئسا واڌ ٿي، مرغي 11 رپيا 60 پئسا مهانگي ٿي وئي. پٽاٽا هڪ رپيو 94 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا،  تازي کير، چانورن، ٿوم، گوشت جي اگهن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته دادل، ايل پي جي، اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ آئي.