اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته نواز شريف 2022ع ختم ٿيڻ کان پهريان پاڪستان اچي ويندو، عمران خان ستن اٺن مهينن ۾ جيترا به حربا استعمال ڪيا انهن ۾ اسان سرخرو ٿياسين، هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پي ٽي آءِ حدون ڪراس ڪيون ته قانون حرڪت ۾ ايندو، رياست عام شهرين جي حقن جي حفاظت ڪندي. هن چيو ته عمران خان بي اعتمادي جي تحريڪ کان هن وقت تائين جيڪي به اشو اٿاريا انهن تان پاڻ ئي پوئتي هٽي ويو.