منگول ۽ سنڌ

0
480

هونئن ته مغل به منگولن جي نسل جا آهن، انهن ۽ بعد ۾ ايندڙ ارغون ۽ پٺاڻ حملي آورن سنڌ جي تمدن، معيشت ۽ ماڻهن سان اهڙي ڪارڪئي جهڙي ظالم منگولن بغداد ۾ ڪئي هئي. سڙيو بغداد به هو، باهه ٺٽي جي به ڪين وساڻي هئي. ڪتاب بغداد جا به ڀسم ٿيا هئا ته تاريخ سنڌ جي به ٻرندڙ تنور ۾ ساڙي وئي هئي پر سنڌ تي منگولن جي حملن جي تاريخ عام طور ڍڪيل انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. جيئن جيئن انٽرنيٽ جون دريون کليون آهن ته انهن مان معلومات جا ڪبوتر اڏامي هر هنڌ وڃي ڄاڻ جا پيغام آڻي سامهون رکن ٿا. مون اڳ به ڪارل مارڪس جي ڪتاب Notes On Indian History مان سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪي ڳالهيون لکيون هيون. ان ئي ڪتاب جي صفحي نمبر 20 تي ڪارل مارڪس سنڌ تي ٿيندڙ منگولن جي حملي جي حوالي سان لکيو آهي ته: “1217ع ۾ چنگيز خان جي ڪمان ۾ منگولن جي فوج جي وڏي ڪٽڪ توران مان ايندي خوارزم تي حملو ڪيو. خوارزم جي شاهه جلال ساڻس مهاڏو اٽڪايو پر هو ڌڪجي سنڌو درياءَ جي ڪناري اچي پڳو. هن جي ڪنهن به راجا مدد نه ڪئي، (ردعمل ۾) هن ڪاڪڙن جي ٽولن سان علائقي ۾ ڦرلٽ شروع ڪري ڏني. جنهن تي چنگيز خان تهائين هڪ وڏي فوج نذير الدين جي علائقي ملتان ۽ سنڌ تي چڙهائي لاءِ موڪلي ڇڏي جن پوري علائقي کي ڀينگ ڪري ڇڏيو. جڏهن ملتان توڙي سنڌو جي انهن علائقن کي منگول تاراج ڪري واپس ٿيا ته سلطان التمش (211-1236ع) ان جو فائدو وٺندي حملو ڪري ڏنو ۽ قبضو ڪرڻ بعد ان کي پنهنجي بادشاهت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.” ڪجهه ڪتابن ۾ 2121ع واري منگولن جي جلال الدين سان ملتان توڙي سنڌ وارن علائقن ۾ ٿيل ان جنگ کي “سنڌوءَ واري جنگ“ Battle of Indus لکيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چنگيز خان ڏاڍو ڏمريل هو جو جلال الدين جي ڪجهه هزار فوجن پٺيان پهريائين ويهه هزار ۽ پوءِ وري ڏهه هزار ٻي فوج موڪليائين پر پوءِ به جلال الدين اتان ڪنهن ريت فرار ٿي ويو هو ۽ ان کان اڳ مدد نه ڪرڻ تي جلال الدين علائقي واسين تي چڙهايون ڪندو رهيو. “سنڌو واري جنگ” جو ذڪر The Harper Encyclopedia of Military History, (Harper Collins Publishers, 1993 ۾ صفحي 366 ۾به آهي. ان جنگ ۾ منگولن جو ڪمانڊر بالا هو. ان ويڙهه ۾ سنڌ عجيب انداز سان ٽه طرفو ڀوڳيو. جلال الدين ۽ منگولن جي گهوڙن جي سنبن هيٺان ماڻهو لتاڙيا ويا. جيئن چئبو آ وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا. جڏهن منگولن خلاف ملتان جي رهواسين ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان جلال الدين کي مدد نه ٿي ته هن منگولن کان هار جي ڪاوڙ سنڌ جي ماڻهن مان ڪڍي ۽ کين ماريندو ڪٽيندو هليو ويو جتان بعد ۾ هو بلوچستان جي رستي وڃي ايران پهتو هو. هيڏانهن وري ٽين آفت سلطان التمش اچي بڻيو ۽ ان اچي انهن علائقن تي قبضو ڪري ورتو. سنڌ تي منگولن جو ٻيو حملو ان وقت ٿيو جڏهن هلاڪو خان 1258ع ۾ بغداد جي ماڻهن کي“بغداد! بغداد!” ڪرڻ تي مجبور ڪري چڪو هو ۽ انساني منڍين جا مينار ٺاهي رهيو هو ان وقت سندس هڪ جنريل سالي نويان ملتان ۾ ڪارروايون ڪري بکر واري قلعي طرف روانو ٿيو، پر اهي ثابتيون ناهن ته هن بکر قلعي تي حملو ڪيو يا نه. ان حملي کان ڪجهه سال اڳ ٽيهه هزار منگولن جو لشڪر لاهور کي برباد ڪري چڪو هو.
ملتان ۽ سنڌ جي ان سري واري پاسي چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جي موڪليل منگولن جي رهزني جي اها تاريخ اتي چپ نه ٿي هئي. اڳتي هلي جڏهن منگولن جي هڪ وسيع سلطنت قائم ٿي وئي ۽ اهي چين جي ڳچ حصي تائين قابض ٿي ويا ته تاريخ ۾ هڪ ٻيو اهم حوالو ملي ٿو جنهن مان پتو پئي ٿو ته اهي سنڌ جي دل واري علائقي سيوهڻ ۾ اچي پهتا هئا ۽ انهن ان وقت جي سيوستان واري سموري علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪشوري سرڻ لال جي ڪتاب History of the Khaljis (1290-1320)۾ ان جو سربستو احوال آهي جنهن کي وڪي پيڊيا سميت انٽرنيٽ جي ٻين ذريعن به نقل ڪيو آهي. منگولن جي ان حملي جو تت هن طرح ڏنل آهي ته جڏهن هندستان تي خلجي گهراڻو حڪمران هو ۽ چاچي جي قتل بعد علاءُ الدين خلجي دهلي جو بادشاهه هو تڏهن سنڌ به دهلي جو علائقو سڏبي هئي، ان دوران هڪ منگول جنريل 1298ع ۾ سنڌ اچي سيوستان واري علائقي تي قبضو ڪيو ۽ سيوهڻ جي قلعي ۾ اچي ويهي رهيو. ان جنرل جو نالو سالدي خان هو، ان لاءِ خيال اهو آهي ته هو ڀڳوڙو منگول هو پر ساڻس فوج جو وڏو تعداد ساڻ هو، اهي منگوليا کان هاڻوڪي ترڪي وارن علائقن کان ٿيندا افغانستان پهتا هئا جتان هنن سنڌ جي ان حصي تي حملو ڪري قبضو ڪري ورتو. سنڌ ۾ سومرن جي صاحبي هئي پر انهن هن سان وڙهڻ جهڙي طاقت نه ٿي ساري. دهلي جي تخت کي ڳالهه نه وڻي ۽ علاءُ الدين خلجي پنهنجي جنريل ظفر خان جي ڪمان هيٺ فوج موڪلي جنهن منگولن سان سيوهڻ ۾ جنگ ڪئي ۽ انهن کان قلعو واپس ورتو. نه رڳو اهو پر ڪيترائي نيگدوري قبيلي جا منگول گرفتار ڪيا ويا جن کي دهلي نيو ويو. منگولن جو اهو نيگدوري قبيلو رنگ جو گهرو سانورو هو ۽ انهن جو خيال هو ته اهي چنگيز خان واري قبيلي کان تعداد ۾ گهڻا آهن کين بادشاهت جو حق ملي پر ايئن نه ٿيو ۽ پوءِ منگولن ۾ هي باغي ٿيا جن کي ڀڳوڙو چيو ويو ۽ انهن سنڌ تائين اچي حملا ڪيا پر خلجي فوج کين ٽانڊا ڏنا. ڪتابن ۾ سيوهڻ واري ان جنگ لاءِ خلجين کي سنڌين جي حڪمرانن پاران ڪنهن به مدد جو ذڪر نه ٿو ملي. تيرهين صديءَ دوران منگولن پنجاب ۾ به قهري ڪاروايون ڪيون ۽ هزارن جي فوج سان لاهور ۽ ڀرپاسي کي ٻه ڀيرا تاراج ڪيو.