ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ سان ملڪ ۾ مريضن لاءِ آڪسيجن گئس گهٽجڻ لڳي

0
822

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ سان ملڪ ۾ مريضن لاءِ آڪسيجن گئس گهٽجڻ لڳي، سنڌ سوڌو ٻين صوبن جي اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ جا خدشا وڌي ويا، آڪسيجن ٺاهيندڙ ڪمپنيز خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ ۽ صنعتن کي آڪسيجن جي فراهمي جاري رهي ته صحت جو شعبو متاثر ٿي سگهي ٿو، وقتائتا قدم نه کڻڻ سان ڀارت جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، آڪسيجن پيدا ڪندڙ پلانٽس کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمورا پلانٽس پوري صلاحيت سان آڪسيجن پيدا ڪن ته صحت جي شعبي جي گهرج پوري ٿي سگهي ٿي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريضن لاءِ آڪسيجن جي استعمال بابت 90 سيڪڙو صلاحيت تائين پهچي چڪا آهيون، احتياط کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه آهي، ايس او پيز تي عمل ۽ احتياط ۾ ئي سڀني جي بهتري آهي..