ادارا، اداران جو کاڄ

0
541

ان حڪمران مان ڀلا ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي جيڪو نه حڪومتي نظام کي سمجهي سگهيو آهي نه سياست کي ٿو سمجهي، نه وري هن وٽ ڪا مڪمل منصوبا بندي آهي، جنهن جي ذريعي ملڪي معاملن کي ٺيڪ ڪري سگهي. هن جي نظر ۾ وزارتن جا قلمدان راند جي ميدان ۾ بيٺل ، رانديگر جي پوزيشن جيتري اهميت به نٿا رکن. لڳي ته ايئن ٿو هو راند جي ميدان جي حڪمت عملين کان پڻ اڻ واقف آهي هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙو رانديگر ڪهڙي جاءِ تي بيهارجي، نتيجو اهو پيو نڪري ته وزارت جي قلمدانن جي تبديلين ۽ مشيرن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود اهم کاتن جي اندروني نظامن ۾ سڌارو نظر نه پيو اچي. ان سان گڏوگڏ ظلم اهو آهي ته کاتن جي مٿان جيڪي چوڪيدار ادارا قائم ڪيل آهن اهي پڻ پنهنجي ڪارڪردگي صحيح نموني پيش نه ڪري سگهيا آهن، ڇو ته اندروني انتشار ايتري قدر وڌيو آهي جو اهو ضرب ٿيندو پيو وڃي پر ڪٿان به ڪٽ يا ونڊ نه پيو ٿئي. ڏٺو وڃي ته وزيراعظم کان نه بين الاقوامي معاملا سنڀاليا پيا وڃن نه ئي ڪو ملڪي معاملا صحيع نموني سنڀالي پيو سگهي، سالن کان هن وٽ ٻين جي ڪرپشن جي قصن کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالهه نه آهي پر هن پاڻ جيڪو ڪرپشن جو منظم نظام ٺاهيو آهي اهو پڻ عوام کان لڪل نه آهي. هونئن ته هر ملڪي اداري ۾ ٿيندڙ انتشار جو اثر عوام تي ٿئي ٿو پر ڪجهه ادارا ته سڌو سنئون عوام سان وابسته هجن ٿا، جيئن مثال طور تعليم کاتو آهي، ايئن چوڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته ملڪ جو مستقبل تعليمي نظام سان وابسته آهي پر اسان وٽ تعليم نظرانداز ٿيل کاتو آهي. تعليمي پاليسين ۾ تبديلي، نصاب ۾ تبديلي، تعليمي نظام ۾ تبديلي، سڀني ڳالهين کي هڪ پاسي رکندي اعلان ڪيو ويو SNC سنگل نيشنل ڪريڪيولم جو ،اهو سوچڻ کان سواءِ ته جڏهن اندروني نظام۾ ئي مسئلو آهي ته مٿان وري هي هڪ قومي نصاب لاڳو ڪيئن ٿيندو، ڪيئن ڪم ڪندو؟ جڏهن ته 18 ترميم کانپوءِ تعليمي پاليسيون ٺاهڻ لاءِ صوبا آزاد آهن.
حد کان وڌيڪ وڌنڌڙ نجي تعليمي ادارن جي ڪري هونئن به سٺي تعليم غريب جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. پرائمري سطح تي اسڪول سهولتن کان وانجهيل آهن. مڊل سطح تي به حال ساڳيو ئي آهي. وري ڏٺو وڃي ته ڪاليج جي سطح تي به پاليسين جو فقدان آهي. اپ گريڊ ٿيندڙ اسڪولن جي وڌنڌڙ تعداد ڪاليج جي تعليم کي گهڻو ڌڪيو آهي ته پرائيويٽ ادارن جي ڪري به سرڪاري ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جو رجحان گهٽ ٿيندو پيو وڃي. مٿان وري HEC کي اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ مسلط ڪيو ويو آهي . جنهن جي غلط پاليسين جو اثر اسان جي تعليم تي پئجي رهيو آهي. حالانڪ يونيورسٽيز جي انتظام لاءِ انهن وٽ سينڊيڪيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل، بورڊ آف اسٽڊيز ۽ سينيٽ موجود هونديون آهن. جيڪي پنهنجا فيصلا پاڻ وٺي سگهن ٿا پر ان جي باوجود HEC انهن جي مٿان مسلط آهي. يونيورسٽيز جي اسڪالر شپ پڻ هيڪ پاران جاري ڪئي ٿي وڃي. ظلم وري اهو ڪاليج جا استاد برداشت ڪن ٿا جيڪي يونيورسٽين سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ پڙهائين ٿا. اهي ته اسڪالرشپس کان به محروم ئي هوندا آهن . اسڪالرشپس جي باري ۾ عام استاد کي جيڪي ڪاليجز ۾ پڙهائين ٿا، انهن کي صحيح طرح ڄاڻ نه ملي سگهندي آهي. هيڪ پاران ڪجهه پاليسيز اهڙيون آهن جيڪي مونجهاري پيدا ڪندڙ آهن جيڪي اسڪالرز ريسرچ سان منسلڪ آهن اهي ڀلي ريت ڄاڻن ٿا ته ريسرچ ڪرڻ آسان نه آهي ۽ خاص طور تي اهي اسڪالر جيڪي نوڪري ڪن ٿا. انهن کي پابند ڪيو ويو آهي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجون ڊگريون HEC هيڪ مان Attest ڪرائين، ان کان پوءِ انهن جي ڊگري کي صحيح تسليم ڪيو ويندو. اهو تڏهن لاڳو ٿيو جڏهن جعلي ڊگرين جو ڪاروبار وڌيو جعلي ڪاغذي نجي يونيورسٽي کُلي ويون بجاءِ ان جي ته ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته انهن جعلي ڊگرين جي جاچ ڪن اسڪالرز کي ۽ شاگردن کي پابند ڪيو ويو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان ڊگري ويريفڪيشن ڪرائي اچن.
بين الاقوامي اسڪالرشپ پروگرام ۾ انرول ٿيڻ لاءِ به ويريفڪيشن ضروري قرار ڏنل آهي. جيڪي اسڪالرز ڪاليج ۾ پڙهائين ٿا. اهي جڏهن ايم فل يا پي ايچ ڊي ڪن ٿا ته انهن لاءِ پڻ اهو لازم قرارڏنو آهي ته جيستائين اهي پنهنجي ڊگرين کي HEC پاران ويريفاءِ نه ڪرائيندا ان وقت تائين سندن حڪومت پاران مقرر ڪيل الائونس نه ملندو.
مجبوري ۾ استاد ان اداري ڏانهن وڃن ٿا، جنهن جو انهن جي سڄي تعليمي ڪيريئر سان ڪو واسطو ئي نٿو هجي. انهي اداري کي ڊگرين کي اٽيسٽ ڪرڻ جو اختيار ڏنل آهي، جنهن وٽ اسڪالرز جو ڪو رڪارڊ موجود نه هوندو آهي. ريسرچ جي سخت محنت واري عمل مان گذرڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر هو پنهنجون ڊگريون کڻي هيڪ جي پيچدا نظام ۾ داخل ٿيندا آهن. جيڪو آن لائين موجود آهي اهو ضروري بنهه نه آهي ته هر اسڪالر کيI T جي باري ۾ ڄاڻ هجي. پر بحر حال اهو نظام پاليسي جو حصو آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي ٻيو جيڪو تعليم سان مذاق هاڻي ٿي رهيو آهي اهو آهي گريجوئيشن جي ٻن سالن واري پروگرام جو خاتمو.
هزارين غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون هر سال سرڪاري ڪاليجن مان گريجوئيشن (بي اي بي ايس سي ۽ بي ڪام) ڪندا آهن. ان جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. جنهن سان شاگردن کي تعليمي نقصان سان گڏوگڏ يونيورسٽيز جو پڻ مالي نقصان آهي هڪ اندازي مطابق صرف سنڌ يونيورسٽي سان الحاق ٿيل ڪاليجن مان 75000 پنجهتر هزار بيروني اميدوار هر سال بي اي، بي ايس سي، بي ڪام ۽ ماسٽر ريگيولر ۽ پرائيوٽ امتحان ڏيندا هئا. جيڪي هاڻي گهٽ ٿي اڌ به نه رهيا آهن. ٻن سالن واري پروگرام جي خاتمي واري اعلان سان شاگردن توڙي استادن ۾ تمام پريشاني ۽ ڪاوڙ پکڙجي چڪي آهي. شاگرد خاص طور تي هزارين ڇوڪرين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ڇو ته سماجي مسئلن جي ڪري گهڻو ڪري ڇوڪريون يونيورسٽين جي ريگيولر تعليم حاصل نه ڪري سهگنديون آهن، اهي ڪاليجن ۾ داخلا وٺنديون آهن. پر هن وقت سڄو معاملو هيڪ HEC جي پاليسين ۽ غلط فيصلن جي ڪري رڪيو پيوآهي ۽ هزارين شاگرد هن سال داخلا جي انتظار ۾ ويٺا آهن. ٻه سالا پروگرام جي جاءِ تي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو عملي طرح سان ڪنهن به ڪم جو ناهي. اها، ايسوسيئيٽ ڊگري مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به گريجوئيشن مڪمل نه ٿيندي. ايسوسيئيٽ ڊگري ڄڻ ته هڪ ڊپلومه جي برابر آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي لازمي طور تي ڪنهن نه ڪنهن يونيورسٽي مان ٻه سال پڙهي گريجوئيشن جي ڊگري مڪمل ڪرڻي پوندي.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مذڪوره فيصلي ۾ عام شاگردن جو ڪوبه فائدو نظر نه ٿو اچي. اهي غريب شاگرد جيڪي مهانگي تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن يا پنهنجي معاشي مجبورين سبب گريجوئيشن ڪري ڪنهن نه ڪنهن روزگار حاصل ڪرڻ کي لڳي ٿا وڃن. انهن جي رستا روڪ پئي ٿئي.
ڏٺو وڃي ته HEC هيڪ تعليمي ادارن جي مٿان اهڙو ادارو مسلط ڪيل آهي. جنهن کي نه سرڪاري تعليمي ادارن جي نظام جي خبر آهي نه عام شاگردن جي سماجي ۽ معاشي مسئلن کان واقف آهي. هي اهڙو ادارو آهي جيڪو تعليمي ادارن کي ٺاهڻ کان وڌيڪ ڊاهڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. مسئلا حل ٿيڻ کان وڌيڪ پيدا ڪري رهيو آهي. تعليم انسان جو بنيادي حق آهي حڪومت پابند آهي ته هر شهري جي بنيادي ضرورت جو خيال رکي پر اسان وٽ خيال رکڻ ته پري پر عام استعمال جون شيون عوام کان پري ٿينديون پيون وڃن. ساڳي طرح بجلي جا ڳاٽي ڀڳا بل ڀرڻ عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿيندا پيا وڃن. عام ماڻهن تي بجلي جي چوري جا به الزام لڳايا ويندا آهن ۽ عوام بل وڌيڪ اچڻ جي شڪايت ڪندي نظر ايندا آهن.
اسان وٽ 18هين ترميم جي باوجود بجلي جو کاتو وفاق جي هٿ ۾ آهي. جڏهن بجلي جو ڪو بريڪ ڊائون ٿيندو آهي ته محڪمو ان خرابي کي ٺيڪ ڪرڻ کان لاچار نظر ايندو آهي ٻه سال اڳ بارشن ۾ اهڙو ئي حال ٿيو هو جو بجلي نه هئڻ ڪري حيدرآباد شهر جارستا پاڻي ۾ ٻڏا پيا هئا. ڇو ته پمپنگ مشينون بجلي جي نه هئڻ ڪري نه هليون هيون. اوچتي آفتن لاءِ اسان وٽ ڪا به حڪمت عملي نه هوندي آهي نه وري وفاق جون پاليسيون ۽ منصوبا سنڌ جي حق ۾ بهتر ثابت ٿيندا آهن. جڏهن عام حالتن تي نظر وجهجي ٿي ته ڪيترائي اليڪٽرڪ انجنيئرنگ جي ڊگري رکندڙ شاگرد نوڪرين جي تلاش ۾ پيا رلندا آهن ۽ وري جنهن مهل ادارن جي ڪارڪردگي ڏسجي ٿي ته لڳندو آهي ته اعليٰ تعليم يافته ۽ مهارت رکندڙ ماڻهو موجود ئي نه آهن. سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته معاملو ڪٿان کان خراب آهي!
بجلي جنهن جي شڪايت هر ماڻهو ڪري ٿو بجلي جي لوڊشيڊنگ کان وٺي حد کان ٻاهر ايندڙ بل هن مهانگائي ۾ عوام لاءِ عذاب کان گهٽ نه آهن.
WAPDA اڳ هڪ ادارو هو پر پوءِ ان کي ٻن الڳ حصن ۾ ورهايو ويو، انهن جي مٿان وري National Electric power Regulatory Authority (NEPRA) قائم ڪيل آهي جيڪا 1997ع ۾ قائم ٿي. هن وقت به سنڌ حڪومت وٽ بجلي جومحڪمو نه آهي ان جو ڪنٽرول وفاق وٽ آهي.بجلي جي ورهاست ڪمپنين جي هٿ ۾ آهي. عوام ته پنهنجي شڪايت به ڪٿي ڪرڻ لاءِ پريشان هوندو آهي ته ٿوري گهڻي بارش پوڻ سان به بجلي هلي ويندي آهي. روزمره جو ڪاروهنوار گهڻو متاثر ٿيندو آهي.
عام واهپي جون شيون ۽ اهي سهولتون جيڪي عوام جو بنيادي حق آهن اڄ اهي عوام کان پري آهن. هر اداري کي ٻيو ادارو کائي رهيو آهي، هڪ اداري جو ڪنٽرول ٻئي اداري کي منتقل ڪيو ٿو وڃي ۽ جنهن وقت عذر ڪجي ٿو ته هر اداري جي اهم واڳ ڪنهن نه ڪنهن طاقتور اداري جي رٽائرڊ ماڻهو جي هٿ ۾ نظر ايندي آهي ۽ اتي نه عوام جي ڪا رسائي هوندي آهي نه وري انهن کي عوام جي لاءِ سهولت جي ڪا پرواهه هوندي آهي واڳ ڌڻي جڏهن سوچي سمجهي حڪومتي ادارن کي ڪمزوري ڪرڻ جو طئي ڪري چڪا هجن ته پوءِ ان معاملي کي حل ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه رهندو آهي.