پاڪستان، اسلام ۽ مسلمان

0
657

خبر ناهي 1947ع ۾ پاڪستان اسلام جي قلعي طور جنم ورتو، يا هندستان جي مسلمانن جي هڪ حصي جي حقن جي تحفظ يا حڪمرانيءَ لاءِ وجود ۾ آيو يا ڪميونزم جي خلاف مغرب جي قلعي طور قائم ٿيو پر هڪ ڳالهه هتي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ضروري آڏو اچي ٿي ته هتي اسلام هر وقت خطري ۾ رهي ٿو ۽ مسلمانن جي ايمان تي مسلمانن جي طرفان ئي شڪ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان کي ڪو شڪ آهي ته اوهان 22 ڪروڙ عوام جي ترجمان قومي اسيمبلي توڙي سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائي تي نظر وجھو ۽ ڏسو ڪيئن هر ڪوئي پاڻ کي پڪي کان پڪو مسلمان ثابت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان اڳيان پيو نڪري ۽ ٻين جي نيت تي شڪ پيو ڪري. شڪ چون ٿا ته لا علاج بيماري آهي ۽ وري جڏهن ان ۾ مذهب ۽ سياست ٻنهي جي شراڪت داري ٿي وڃي ته ان جا ڪيڏا ڀيانڪ نتيجا نڪرن ٿا اهي اسان توهان اپريل مهيني ۾ بخوبي ڏسي ورتا آهن ۽ اها روش رهي ته اڳتي اسان کي ان کان به ڀيانڪ منظر نظر اچي سگھن ٿا، ڪاش ايئن نه ٿئي.
مان جڏهن اقوام متحده جي آدمشماريءَ بابت عالمي ميٽر ورلڊو ميٽر تي نظر وجھان ٿو ته اهو اڄ پاڪستان جي آدمشماري 22 ڪروڙ 44 لک، 74 هزار 315 ٻڌائي ٿو. انهن مان 21 ڪروڙ کان وڌيڪ ته ضرور مسلمان ئي هوندا ۽ باقي هندو، سک، عيسائي وغيره هوندا. هتي هندو، سک، عيسائي ۽ ٻين مذهبي اقيلتن کي ته آئيني طور ئي ٻئي نمبر جي شهريءَ جي حيثيت حاصل آهي جو آئين ۾ ڪن خاص عهدن لاءِ واضح ڪيل آهي ته انهن تي فقط مسلمان ئي فائز ٿي سگھي ٿو، ڪو به غير مسلم نه! يعني ڀل اوهان ابي ڏاڏي کان پاڪستان جا شهري هجو، پر جيڪڏهن اوهان جو جنم ڪنهن مسلمان جي گھر ۾ نه ٿيو آهي يا جيستائين اوهان پنهنجو پيدائشي مذهب ڇڏي مسلمان نٿا ٿيو ته پوءِ اوهان ڪيڏا به ايماندار، مخلص، سچا ۽ با صلاحيت ڇو نه هجو پر اوهان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي خاص عهدن تي رسائي حاصل نٿا ڪري سگھو. يعني اوهان جي حب الوطني پيدائشي طور مشڪوڪ آهي. پاڪستان جي آئين جون اهي شقون ڪيتري حد تائين عين اسلامي آهن انهن تي ته اسلام جا عالم ڳالهائين پر ان تي صحيحون سڀني سيڪيولر پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن جون ٿيل آهن، بلڪه ان آئين جوڙڻ جو سهرو ئي اسلامي سوشلزم جي علمبردار ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي سِر تي سجيل آهي. بهرحال اسلام سڀني کي برابريءَ وارا حق ڏئي ٿو ۽ سوشلزم ته آهي ئي برابريءَ وارو لاديني نظريو، پر 1973ع جي آئين جون اهي شقون اسان کي ان جي برعڪس نظر اچن ٿيون. بهرحال آئيني ۽ عملي طور امتيازي سلوڪ جو شڪار ٿيندڙ انهن مذهبي اقليتن جو ڪل تعداد ئي هن ملڪ ۾ ڪيترو آهي؟ وڌ ۾ وڌ ڪروڙ ڏيڍ. انهن سان ته جيڪي ٿي رهيو آهي ان تي ته ملڪ ۾ توڙي ٻاهر آواز اٿندو رهي ٿو پر کڻي ڪمزور شڪل ۾ ئي سهي پر هي جيڪا اڄ 21 ڪروڙ مسلمانن سان ويڌن ٿي رهي آهي تنهن تي ڪير آواز بلند ڪندو!!؟
سڄي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي اڪثريتي مذهب اسلام آهي. اڄ مسلمانن جو تعداد هڪ ارب 80 ڪروڙ ٻڌايو پيو وڃي جيڪو ڪل انساني آباديءَ جو 24سيڪڙو آهي ۽ اڄ اهو تاثر عام آهي ته ملسمانن سان تعصبي رويو روا رکيو پيو وڃي، جڏهن ته اهي جن تي تعصبي رويو رکڻ لاءِ آڱريون کڄن ٿيون اهي چون ٿا ته مسلمان مذهبي انتهاپسنديءَ جو شڪار آهن ۽ پاڻ تعصبي آهن. هڪڙو تاثر اهو به عام آهي ته مسلمان احساس ڪمتري ۽ احساس برتري ٻنهي جو شڪار آهن. ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ هو پوئتي پئجي ويا آهن جنهن ڪري هو احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهن ۽ وري ان جو تدارڪ هو ترقيءَ جي نين راهن ڳولڻ بدران مذهب ۾ وٺن ٿا ته اتي کين ٻڌايو وڃي ٿو ته سندن دين آخري ۽ سڀني کان بهتر ۽ بالاتر آهي، تنهن ڪري ٻيا سڀ کانئن هيچ آهن ۽ باقي سڀ به هڪ ڏينهن دين اسلام جي دائري ۾ اچي ويندا. اهي ئي سبق اسان کي ڪلهه ڪميونزم جي باري ۾ به پڙهايا ويندا هئا ته سڄي دنيا ۾ ڪميونزم رائج ٿي ويندو ۽ ڌرتي جنت ٿي ويندي. اسان کي ٻيو ته ڇڏيو حڪيم محمد سعيد به سويت يونين جو سير ڪري “جنت الارض” جو سير ٿي ڪرايو پر پوءِ دنيا ڏٺو ته 91_1990ع ۾ اها جنت ڪيئن اوچتو ئي اوچتو دنيا جي تختي تان غائب ٿي وئي.
سڄي عالم اسلام تي تفصيلي گفتگو ته پاڻ ڪنهن ٻئي ويلي تي ڪنداسين ۽ اڄ فقط پاڪستان جي مسلمانن جي حالت زار تي ٿا ڳالهايون. 1951ع ۾ پاڪستان جي ڪل آبادي ساڍا ست ڪروڙ هئي جنهن مان اولهه پاڪستان يعني اڄوڪي پاڪستان جي آبادي 3 ڪڙوڙ 37 لک هئي، جيڪا وڌي 138،74،44،22 ٿي آهي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان جي آبادي 4 ڪروڙ 20 لک هئي، جيڪو اڄ بنگلاديش آهي ۽ ان جي آبادي اڄ 16 ڪروڙ آهي. 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان جي آبادي ساڍا 6 ڪروڙ ۽ اولهه پاڪستان جي آبادي 5 ڪروڙ 80 لک هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جلد ئي بنگالي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون مسلمانن جي مسلماني ۽ حب الوطنيءَ تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا. سنڌي مسلمانن لاءِ چيو ويو ته اهي پڪا مسلمان ناهن بلڪه ڪافرن جا ساٿاري آهن تڏهن هنن کي هتان لڏائي ۽ پوءِ لياقت علي خان اهو ٽاسڪ هندستان کان لڏي آيل سچن پڪن مسلمانن جي حوالي ڪيو جن 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي هندن جي گھرن ۽ دڪانن تي حملا ڪري کانئن سنڌ جا شهر خالي ڪرايا تڏهن ئي سنڌي مسلمانن کي هو اڄ به اهو طعنو ڏيندا آهن ته جي اسان مڙسي نه ڪيون ها ته توهان ته اڄ به هندن جا غلام هجو ها. سنڌ جي ان وقت آبادي 55 لک هئي، جيڪا اڄ 6 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت متحده پنجاب جي ڪل آبادي 3 ڪروڙ 80 لک هئي، جنهن ۾ 45 سيڪڙو هندو ۽ سک هئا. پاڪستان ٺهڻ جي سڀ کان وڏي قيمت پنجاب ۽ بنگال جي مسلمانن، هندن توڙي سکن سڀني ڀوڳي پرڳڻائن وري يوپي، سي پي کان لڏي اچي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ٿيل ۽ حڪمران بڻيل مسلمان ٿا ته اسان پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون. جلاوطنيءَ جو عذاب ته سنڌين به ڀوڳيو پر اهوڪنهن کاتي ۾ نٿو اچي، پر ٿيو ايئن ته پنجاب جا مسلمان ۽ هندستان کان لڏي آيل مسلمان ته قرار ڏنا ويا سڀ کان وڌيڪ سچا پاڪستاني ۽ پڪا مسلمان، باقي سڀ بڻيا ڪچا مسلمان ۽ مشڪوڪ پاڪستاني. پاڪستان ٺهڻ کانپُوءِ سڀ کان پهريون نزلو ڪريو سنڌ، بلوچستان ۽ ڪشمير تي. 1948ع ۾ سنڌين کي سنڌ مان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ عملي طرح سنڌ جي تقسيم ٿي. ڪراچي وفاق جي حوالي ٿي. شهري سنڌ تي هندستاني مسلمانن جو غلبو ٿيو ۽ سنڌي مسلمان ۽ باقي بچيل سنڌي هندن جي هٿ ۾رهي رڳو ڳوٺاڻي سنڌ. بلوچستان تي پهرين فوجي چڙهائي ٿي ۽ ڪشمير تي پهرين پاڪ ڀارت جنگ لڳي ۽ ڪشمير جنت مان دوزخ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. هتي سڀ کان وڏي گھڻائي مسلمانن جي هئي. بنگالي ته 1947ع کان 1971ع تائين پاڪستان جي سچن پڪن مسلمان حاڪمن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي ٿي چڀيا، جن کي غدار ۽ ڪافر قرار ڏئي مٿن فوجي آپريشن ڪيو ويو. اتي پاڪستان جي اڪثريتي مسلم آباديءَ سان ڪهڙا ڪلور ٿيا ۽ ڪنهن جي هٿان ٿيا، اهو تاريخ جو حصو آهي. بر صغير ۾ 1947ع کانپوءِ اهو انسانذات جو سڀ کان وڏو قتل عام هو، جيڪو مسلمانن هٿان مسلمانن جو ٿيو سو به اسلام ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ سربلنديءَ جي نالي ۾!! ۽ اهو سڀ ڪجھه انهن ڪيو ۽ انهن سان ٿيو جن هندستان ۾ هندو اڪثريت جي غلبي ۽ غلاميءَ کان بچڻ لاءِ مسلمانن جي الڳ ملڪ جي گھُر ڪئي هئي ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ حصو ورتو هو. بنگالين کان پوءِ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ وري وارو آيو بلوچن جو جن مٿان ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ئي فوجي چڙهائي ٿي ۽ 1980ع ۾ وري وارو آيو سنڌين جو، جن مٿان پهرين فوجي آپريشن ۽ پوءِ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو راڄ مڙهيو ويو.
در اصل 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جنرل ضياءُ الحق جي حڪمرانيءَ ۾ اسلام جي سربلنديءَ جو اهوعَلم بلند ڪيو ويو جنهن جي ڇانو ۾ اڄ هرڪوئي پنهنجي ايمان جي پناهه ڳولي رهيو آهي. هاڻي ڪير سنڌي، ڪير بلوچ، ڪير پنجابي، ڪير مهاجر، ڪير پٺاڻ، سڀ جا سڀ شڪ جي ڪاتيءَ سان ڪُسجي رهيا آهن. سڀ مسلمان آهن، پر جنهن کي وڻي ٿو ٻئي تي ڪفر جي فتويٰ صادر ڪيو ڇڏي. خبر ئي نٿي پوي همراهه گھر ۾ سُتو پيوآهي ۽ صبح جو اٿي ته ان جي سِر تي ڪفر جي فتويٰ به لڳي وڃي ٿي ۽ سِر تي انعام به رکجي وڃي. خبر ئي نٿي پوي جو صبح جو سڄي ملڪ ۾ امن امان جي بانسري ٿي وڄي ۽ رات جو سڄو ملڪ ٻري ٿو وڃي. پوءِ سوشل ميڊيا تي باهين ۽ تشدد جا جيڪي ڀيانڪ منظر نظر اچن ٿا سي خوفناڪ هراس جي فضا ٿا پيدا ڪري ڇڏين. وري رياست حرڪت ۾ اچي ٿي ۽ رياستي تشدد جا منظر وائرل ٿيڻ لڳن ٿا ۽ پوءِ يڪدم بليڪ آئوٽ ٿو ٿئي ۽ جڏهن اندهه هٽي ٿي ته سڀني جا گوڏا گسيل ٿا نظر اچن. خبر نٿي پوي ته ڪنهن ڪنهن جي آڏو گوڏا ٽيڪا آهن. پر روح سڀني جا زخمي آهن ۽ هرڪوئي پنهنجي پنهنجي خون تي مرهم رکي پهرين نرم ۽ پوءِ وري غرور جي ٻولي ٻولڻ شروع ٿو ٿي وڃي.
هيءَ سڄي درگت مملڪت خداداد ۾ خلق خدا سان اسلام ۽ پاڪستان جي سربلنديءَ لاءِ هڪٻئي سان روا رکي وئي آهي ۽ باقي دنيا انهن جو تماشو ڏسي رهي آهي. آخر سوچيو ته سهي اسان پنهنجو پاڻ سان ڪهڙا ڪلور ڪري رهيا آهيون ۽ پوءِ وري الزام ڏيون ٿا اسلام ۽ مسلمانن جي دشمنن تي!! ايڏي دشمني جيڪا اسان هڪٻئي سان روا رکي ويٺا آهيون ان جو سد باب اسان ئي ڪري سگھون ٿا ڪو آسمان تان فرشتو لهي اچي ته اسان کي ساڃهه نه ڏيندو ۽ باقي دنيا کي ته اسان هونئن ئي پنهنجودشمن سمجھون ٿا سو اهي ڇو اچي اسان کي هن باهه مان ڪڍندا. پنهنجي مرض جو علاج ته اسان کي پاڻ کي ئي ڳولڻو پوندو ۽ جي واقعي علاج ڳولڻ جي نيت آهي ته پهرين ته شڪ جي بيماريءَ جو علاج ڳولڻو پوندو ۽ ان درد جو دارون ته فقط هڪ ئي آهي پنهنجي پاڻ تي اعتماد، هڪٻئي تي اعتماد. اوهان جو پنهنجو ايمان سلامت آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت توهان جي ايمان کي لوڏي نٿي سگھي. توهان کي پنهنجي عزت پياري آهي ته دنيا به توهان جي توهان جي دين سميت عزت ڪندي. عزت ڏيندا ته عزت ڇو نه ملندي؟ پيار ڏيندا ته پيار ڇو نه ملندو، مانُ ڏيندا ته مانُ ڇو نه ملندو؟ اعتبار ڪرڻ، عزت ڪرڻ، پيار ڏيڻ، مانُ ڏيڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي عزت ڪرڻ سکو ته ڏسو ته باقي دنيا به توهان جي ڪيئن عزت نٿي ڪري. باقي هر روز هر گھٽي گھيڙ تي، هر چونڪ ايوان ۾ پنهنجي عزت جون ڌڄيون پيا اڏائيندا ته ڪير اوهان جي عزت ڪندو؟
۽ عزت ملندي آهي سچ سان، سچائيءَ سان، سچ جي راهه تي هلڻ سان، پنهنجو پاڻ سان ۽ دنيا سان سچ ڳالهائڻ سان، نڪي ڪوڙ، ٺڳي ۽ منافقت سان. نڪي ڏاڍ ۽ جبر ۽ تشدد سان. نڪي پئسي سان نڪي خود مطلبي سياست سان، نڪي دين جي دعويداريءَ سان. سو پاڻ منجهه پاڻ سان سچ ڳالهائڻ جي همت پيدا ڪريو، ٻئي جو سچ ٻڌڻ جي همت پيدا ڪريو. سچ ڳالهائڻ ۽ ٻُڌڻ سکو، پنهنجي ۽ هڪٻئي جي عزت ڪرڻ سکو. سڄي دنيا اوهان جي عزت ڪندي.