پوليس ماڻهو مار نفسيات مان ڪڏهن جان ڇڏائيندي؟

0
475
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان پگهار کڻندڙ اصولي ۽ قانوني طور عوام جا خادم هوندا آهن جنهن ڪري انهن کي سول سرونٽس چيو ويندو آهي ۽ هر کاتي ۾ مقرر ملازم انهي وصف ۾ اچن ٿا پر اسان وٽ ٿيندو ان جي ابتڙ آهي ته اهي عوام جي سهولت لاءِ مقرر ڪيل، عام ماڻهو کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجهي ساڻن اهڙو سلوڪ ڪندا آهن جيڪو قديم دور يا دور جهالت ۾ غلامن سان ڪيو ويندو هو. اسان جي بيوروڪريسي يا سول سرونٽس وارو نظام اهڙو جڙيل آهي جنهن ۾ عوام جا خادم ڄاڻايل حڪمران بڻيل هوندا آهن ۽ جنهن جي خدمت لاءِ اهي مقرر ٿيندا آهن انهن کي هو پنهنجو نوڪر سمجهي اهڙو سلوڪ ڪندا آهن. هر کاتي يا شعبي جي ساڳي حالت آهي ڪٿي ڪو انفرادي طور سٺو ماڻهو مقرر ٿيندو آهي ته ان کاتي مان ڪي عوام کي سهولتون ملنديون آهن باقي نه ته مجموعي نفسيات اها ئي آهي ته عام ماڻهو انهن جي آڏو ڪم ڪار لاءِ هٿ ٻڌي بيٺو هجي يا وري سفارش ۽ رشوت ذريعي پنهنجو ڪم ڪرائي،پر انهي نظام ۾ وري پوليس جو شعبو اهڙو آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدنام ،خوار ۽ عوام آزار آهي ۽ انهن جي نفسيات ئي ماڻهو مار آهي. ان جو سڌو سنئون واسطو عام ماڻهو سان پوي ٿو ۽ روز جي بنياد تي پوليس جون ڏاڍايون ظاهر ٿين ٿيون پر انهن جو ازالو ڪڏهن به ٿيندي نظر نه ايندو آهي نه ئي وري انهي شعبي ۾ ڪنهن وڏي پئماني تي سڌارو نظر اچي رهيو آهي جنهن سان ظلم تي ٻڌل اهو ڍانچو تبديل ٿي سگهي .
پوليس جي ظلم جو هڪ اهڙو ئي مثال ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار ۾ ظاهر ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان پوليس جي لاڪپ ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو آهي ،نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي مين پڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ان جي آزادي لاءِ رشوت گهري وئي جيڪا نه ڏيڻ تي نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس جي چواڻي نوجوان لاڪپ اندر ڦاهو کائي پنهنجو انت آندو.پوليس جو اهو پراڻو واردات جو طريقو رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪو لاڪپ ۾ تشدد ذريعي مري ويو ته ان کي خودڪشي ڄاڻايو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي مارڻو هوندو آهي ته گولي هڻي مقابلو ڄاڻايو ويندو آهي جنهن لاءِ هاڻي ته فل فراءِ ۽ هاف فراءِ وارو اصطلاح به عام جام استعمال ٿي رهيو آهي. ڪوبه ٿوري سمجهه رکندڙ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته لاڪپ ٿيل نوجوان ڪيئن خودڪشي ڪري سگهي ٿو جنهن لاڪپ جي نگراني لاءِ پوليس اهلڪار مقرر هجن انهي دوران بستري کي ڦاڙي ان مان رسو ٺاهي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ پوليس کي خبر ئي نه پوي اها ته ڳالهه مڃڻ ۾ ئي نه ٿي اچي، پر اسان وٽ اڪثر اهڙن واقعن جي روايتي جاچ ٿيندي آهي ڪجهه ڏينهن ملوث عملدار معطل هوندا آهن معاملو ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ وري ساڳيا عملدار بحال ٿي ويندا آهن جنهن ڪري اهڙا واقعا ختم نه ٿيندا آهن جيڪڏهن پوليس جي ان موقف کي مڃجي به سهي ته به اها پوليس جي ئي وڏي نااهلي ٿيندي ته هڪ ملزم جيڪو سندن لاڪپ ۾ آهي اهو خودڪشي ڪرڻ تائين پهتو. قانوني طور پوليس کي رڳو ملزم گرفتار ڪري ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻو هوندو آهي ان جي ڏوهه جي سزا جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عدالت کي ئي هوندو آهي پر اسان وٽ جيڪو پوليس نظام آهي اهو بيٺل ئي دهشت ۽ وحشت تي آهي جنهن ڪري هر ماڻهو پوليس کان ڇرڪندو آهي ،پوليس ڪنهن به ڏاڍي ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار نه ٿيندي آهي ۽ ڪنهن به ڪمزور خلاف هر طاقت استعمال ڪندي آهي جنهن ڪري پوليس تي عوام جو اعتماد ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو پيو وڃي،هي هڪڙي حياتي جو مسئلو آهي ته پوليس جي تحويل ۾ نوجوان جي حياتي هلي وئي آهي جنهن جي ذميواري هر حال ۾ پوليس ئي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن نوجوان خودڪشي ڪئي آهي تڏهن به اها پوليس جي ذميواري آهي ۽ جيڪڏهن کيس تشدد ۾ ماريو ويو آهي ته اهو قتل ڪيس آهي توڙي جو ان ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري ڊي آءِ جي ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي آهي پر اها روايتي جاچ نه هئڻ گهرجي.نوجوان جي وارثن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ مڪمل ۽ گهڻ پاسائين جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ انهي ڏوهه ۾ جيڪي به اهلڪار ملوث آهن انهن خلاف سخت قدم کنيو وڃي جيئن اڳتي لاڪ اپ اندر ٿيندڙ اهڙن واقعن ۽ حادثن کي روڪي سگهجي.