ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اسڪولز 6 جون تائين بند رکڻ جو اعلان

0
614
سکر تعليمي بورڊ شاگردن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو
سکر تعليمي بورڊ شاگردن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي تعليم واري وزارت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اسڪولز 6 جون تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ميِڊيا رپورٽس موجب تعليم واري وزارت طرفان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ مظفر آباد سوڌو ڪيترن ئي شهرن ۾ اسڪولز 6 جون تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته فيصل آباد، گجرات ۽ ملتان سوڌو پنجاب جي 20 شهرن، حيدرآباد، سکر سوڌو سنڌ جي 12 جڏهن ته سوات ۽ صوابي سميت ڪي پي جي 14 ضلعن ۾ اسڪول هاڻي 6 جون تائين بند رهندا، رپورٽ موجب مختلف شهرن ۾ اسڪولن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ هجڻ تي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 5 سيڪڙ کان گهٽ وارن شهرن ۾ اسڪول 24 مئي کان کوليا ويندا.