همراهه چور کي قتل ڪري لاش 15 سال گهر ۾ رکي ڇڏيو

0
386

ڪينبرا(دلچسپ نيوز) همراهه چور کي قتل ڪري لاش 15 سال گهر ۾ رکي ڇڏيو، ڪچري جي ڍير مان هٿ آيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا جي راڄڌاني ڪينبرا ۾ پوليس رابرٽس نالي هڪ شهري جي گهر مان 15 سال پراڻو لاش ملڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، لاش جي ويجهو 70 کان وڌيڪ ايئر فريشنر جون بوتلون پڻ هٿ آيون، جيڪي بدبوءِ روڪڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون، پوليس عدالت کي آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته بروس رابرٽس نالي شهري 2006 ۾ گهر ۾ چوري جي ارادي سان داخل ٿيل شين سنيلمين کي گولي هڻي قتل ڪيو هو، گرفتاري جي ڊپ کان رابرٽس چور جو لاش گهر اندر ڪچري جي ڍير ۾ ئي رکي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس کي ڪوبه اطلاع نه مليو. پوليس موجب 2017 ۾ بروس پاڻ به طبي سبب فوت ٿي ويو هو پر چور جو لاش ڪچري ۾ هجڻ سبب ڪنهن کي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو. ٽن سالن بعد پاڙي وارن جي اطلاع تي گهر جي صفائي ڪئي وئي ته هيٽر جي هيٺ ڳري ويل لاش جي باقيات هٿ آئي. چيو پيو وڃي ته بروس رابرٽس هڪ وڏو ذخيرا اندوز هو ۽ تمام گهٽ گهر مان ٻاهر ويندو هو سندس گهر مان 10 کان وڌيڪ هٿيار به هٿ آيا آهن.