لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ پنجاب سان جهانگير ترين گروپ جي ملاقات، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مهينو مهلت، ترين گروپ پاران بجيٽ ۾ حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته مهيني ۾ مسئلا حل نه ٿيا ته فيصلو ڪنداسين، گروپ ختم ناهي ٿيو، جهانگير ترين گروپ جي وفد جي وزيراعليٰ پنجاب سان ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ نعمان لنگڙيال، نذير چوهان، سعيد اڪبر، عبدالحئي دستي، اجمل چيمه ۽ آفتاب شامل هئا، ملاقات وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ٿي. جهانگير ترين گروپ پاران وزيراعليٰ عثمان بزدار کي پنهنجي مسئلن ۽ شڪايتن کان آگاهه ڪيو، وزيراعليٰ بزدار شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات کانپوءِ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعمان لنگڙيال، سعيد اڪبر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اسان جا مسئلا حل ٿي ويا، پي ٽي آءِ ۾ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، وزيراعليٰ بزدار سان ملاقات دوران پنهنجي مسئلن تي کلي ڪري ڳالهايو، شڪايتن کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم جيان پنجاب جي وڏي وزير به مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هاڻي انهن تي عمل جو انتظار آهي، پڪ اٿئون ته وزيراعظم اسان سان نا انصافي ٿيڻ نه ڏيندو. ملاقات ۾ اسان کي هاڪاري ردعمل مليو وزيراعليٰ صبر سان شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن کي حل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون، تحريڪ انصاف ۾ موجود مسئلا اڄ حل ٿي ويا. وزيراعليٰ بجيٽ ۽ پنجاب جي عوام بابت مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پنجاب جي زراعت واري وزير نعمان لنگڙيال چيو ته جهانگير ترين خلاف جاچ جي اڳڀرائي مان مطمئن آهيون، ان بابت وزيراعظم جي واعدي مان به مطمئن آهيون ته جهانگير ترين سان ڪا به نا انصافي نه ٿيندي، گروپ کي علي ظفر پاران جاري ڪارروائي تي اعتماد آهي جنهن کي وزيراعظم عمران خان کنڊ اسڪينڊل ۾ جاچ جي ذميواري ڏني آهي. سعيد اڪبر چيو ته جهانگير ترين گروپ هڪ حقيقت آهي ان کي ميڊيا قبول ڪيو، هن گروپ جا 2 مسئلا هئا هڪ جهانگير ترين خلاف انڪوائري هئي، ترين ڪڏهن وزيراعظم کان رعايت ناهي گهري، اسان صرف شفاف جاچ چاهيون ٿا. نذير چوهاڻ چيو ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي چونڊن ۾ واپس پنهنجي تڪن ۾ وڃڻو آهي ان لاءِ مسئلن جو حل ضروري آهي، وزيراعظم عمران سان گڏ هئاسين ۽ رهنداسين. هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي نذير چوهاڻ چيو ته مهيني جو وقت ڏنو آهي ان بعد اسان فيصلو ڪنداسين،اسان ترين سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين، بجيٽ جي حمايت ڪنداسين ، هن چيو ته هڪ ملاقات ۾ سڀ مسئلا حل ناهن ٿيا، واعدو ڪيو ويو ته هڪ مهيني ۾ مسئلا حل ڪنداسين، هن چيو ته اسان جو گروپ ختم ناهي ٿيو، بجيٽ بعد مسئلا حل نه ٿيا ته اوهان ڏسندا ته گروپ ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو؟