ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جَي وڏي وزير سان اختلافن بعد صوبائي وزير محمد صالح ڀوتاڻي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، گورنر بلوچستان طرفان صالح محمد ڀوتاڻي جي استعيفا منظور ڪئي وئي، جڏهن ته وڏي وزير ڄام ڪمال اختلاف وڌڻ بعد صالح محمد ڀوتاڻي کان بلديات کاتي جو قلمدان واپس ورتو هو، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران بي اي پي اڳواڻ صالح ڀوتاڻي چيو آهي ته بلوچستان ۾ عملي طور ترقياتي ڪم نه پيا ٿين، صوبي ۾ ترقي رڳو ڳالهين جي حد تائين آهي، بجيٽ کي ڪاغذن جي ڦير ڦار سان پورو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعليٰ جو رويو به سٺو ناهي، وزيراعليٰ پاڻ سڌي ريت پٽوارين ۽ ننڍن ملازمن سان ڳالهائيندو ته پوءِ وزارت جو ڪهڙو فائدو؟ هن چيو ته بلديات وزارت لاءِ فنڊز منظور ٿيا ته وزارت واپس ورتي وئي، مون تي ڪم نه ڪرڻ جو الزام هنيو ويو، سوچي سمجهي وزارت تان استعيفا ڏني آهي آئون گناهه ۾ وڌيڪ برابر شريڪ نٿو ٿي سگهان.