اسلام آباد /ڪراچي (نمائندن وٽان ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 23 سالن کان ڪم ڪندڙ نيب وڏن تي هٿ نه وجهڻ سبب ڪرپشن تي ضابطي ۾ ناڪام رهيو، ڪالهه ڪراچي نيو ڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 2 جو ورچوئل افتتاح ڪندي هن چيو ته انهي پاور پلانٽ سان نوجوانن کي فني تربيت ڏيڻ ۾ مدد ملندي، اسان چين جي تعاون سان ٺهيل 1100 ميگاواٽ واري پلانٽ مان ڪلين انرجي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، اسانجي دريائن جو 80 سيڪڙو پاڻي گليشئر جي رجڻ سان اچي ٿو، اسان لاءِ ڪلين انرجي تمام گهڻي ضروري آهي. گلوبل وارننگ جي دور ۾ اهڙا منصوبا ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن. هن چيو ته سي پيڪ گيم چينجر آهي، اسان زرعي شعبي لاءِ به چين کان مدد وٺنداسين هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ نيب 23 سالن کان ڪرپشن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، اسان ڪرپشن تي انڪري ضابطو آڻي نٿا سگهون جو اسان وڏن ماڻهن  ۾ هٿ وجهڻ بدران ننڍن کي گرفتار ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان ڪرپشن خلاف جهاد ڪري رهيا آهيون. ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته جيستائين طاقتور قانون جي هيٺيان نه ايندو، ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته چين به ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪرپشن تي سخت سزائون ڏنيون آهن، نيب 23 سالن کان ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. پر اسان ان ڪري ڪرپشن تي ڪنٽرول ناهيون ڪري سگهيا ڇو ته اسان صرف ننڍن ماڻهن کي پڪڙيندا آهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چين دنيا جو تيزي سان اڀرندڙ سپر پاور ملڪ آهي، انهن ڪرپشن خلاف جهاد ڪيو آهي. چين جي قيادت جو چوڻ هو ته جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. چين وزارتي سطح جي 425 ماڻهن کي ڪرپشن ڪرڻ تي سزا ڏني. اسان جڏهن مٿين سطح تي هٿ وجهنداسين، تڏهن ئي ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿيندي. واضح رهي ته ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ ملڪ جو پهريون جنريشن ٿري پلانٽ آهي، جنهن جو آپريشن مدو 60 سال آهي، جنهن کي وڌيڪ 20 سال وڌائي سگهجي ٿو. پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي انتظامن هيٺ 6 پاور پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 4 چشما ( ميانوالي ضلعو) ۽ 2 ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن