ملڪ جو سياسي منظرنامو

0
224
ملڪ جو سياسي منظرنامو

  عمران ٽولي سانڊي جيان رنگ مٽايا. يوٽرن مافيا پوءِ به ڪڏھن به نه لڪايو ته سندس ٽارگيٽ عوام ۽ مالڪ جي ايچ ڪيو وارا آھن. عمران ٽولي کي اڳيان بيھاريو ويو آھي ته جيئن ھر لعنت ملامت رڳو ان تي وسي. قدرت به ماڻھن کي لڳاتار اھي موقعا ڏيندي رھي آھي ته عمران ٽولي کي ۽ ان جي شر کي سڃاڻن، جيئن انھن مان ڪيئي عمران سيريز کي سڃاڻندا ھئا. مثال طور ڪورونا، جنھن جي دنيا ۾ ظاھر ٿيڻ سان عمران جي عنوان سان برگرن جي ان گروپ کي احتياطي اپائن لاء ذري جي سمڪ نه آئي. ھزارا وارن جي نسل ڪشي جو سلسلو ھليو، ان موقعي تي به عمران نيازيءَ جي پرک ٿي وئي. اڍائي سئو ارب رپين کان وڌ ترقياتي بجيٽ ختم ڪئي وئي آھي.

    سالياني بجيٽ وقت ھن ٽولي واعدو ڪيو ته مني بجيٽ نه آندي ويندي پر آندي وئي آھي ۽ 350 ارب رپين جا نوان ٽئڪس ھنيا ويا آهن، جنھن سان اڳيئي لوڙيندڙ عام ماڻھو جو حشر خراب ٿيندو. مني بجيٽ کي نام نهاد قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي رسم پوري ڪئي وئي آهي۔پر عمران ڪابينا گهڻي ڏٺي ٿي آهي۔ انھيء بدنام ترين ٽولي جا ڪي وزير مڃن ٿا ته مھانگائي گھڻي وڌي وئي آھي، جھڙوڪ شيخ رشيد، پر اڪثر کل جھڙيون ڳالھيون پيا ڪن. مثالطور ته ماڻھو خوشحال ٿي ويا آھن جو گاڏين جي خريداري وڌي وئي آھي. حد ته اھا آھي ته جنھن شخص کي بنا ڪنھن جواز جي وزيراعظم وارو بيج ھنيو ويو آھي، سو چوي ٿو ته ملڪ ۾ مھانگائي ناھي. سو پئٽرول جون قيمتون اڃا وڌنديون ۽ نان سينس به. اھڙن وزيرن وڙن جو ڪوبه ڪم ناھي، سواءِ ان جي ته سندن زبان قئنچي وانگر ھلي. پر مروج سياست اھائي آھي. ٻي ڪنھن سياسي سرگرمي، جھڙوڪ مارچ، ڌرڻو عوامي انداز جي سرگرمي آھي، يا انقلاب لاءِ ڪن زمانن بعد ظاھر ٿئي ٿي يا وري مجبوري ۾ ڪئي وڃي ٿي، جيئن پ پ جو اعلانيل مارچ يا جيڪو مارچ تحريڪ انصاف نواز دور ۾ ان ڪري ڪيو هو، جو غيرسياسي، ڏاڍين قوتن جي اھا مرضي ھئي ته نواز پارٽي کي سرڪاري ايوانن مان ڪڍيو وڃي.

نواز نج واپاري مفادن جو پوڄاري آھي ۽ سندس پارٽي جي جھنڊي ھيٺ ڏاڍن جي مفادن کي ڪاپاري ڌڪ ھڻڻ جي رڳو ڳالھه ڪئي وئي. پر اھو قصو به ڪو سادو سودو ناھي. ان مان اھو نتيجو ڪڍڻ درست ناهي ته پ پ جاگيردارن جي ۽ نون ڪا انقلابي پارٽي يا انقلاب ۾ مدد ڪندڙ سرمائيدارن جو ميڙ آھي. پرائمري ۾ اسان چئن چورن جي ڪھاڻي پڙھي ھئي جن مان  ٻه وڃن ٿا چئني لاءِ کاڌو وٺڻ، ان ۾ زھر ملائن ٿا ۽ باقي  ٻه انھن ٻن کي کوھ ۾ ڌڪو ڏيڻ جي صلاح ڪن ٿا. ان طرح چارئي مارجي وڃن ٿا. اھا ڪھاڻي نصاب مان ڪڍي بيڪار شيون برقرار رکيون ويون آھن. سبب صاف ظاھر ڀلي نه ھجي، سمجھو ڪي سمجھن.

آصف عمران تي سڌي ٽوڪ ڪئي آھي ته اھو بي عقل آھي. ان جو ھڪ مطلب اھو وٺي سگھجي ٿو ته سياست عقلمندي جي بنياد تي ئي ٿي سگھي ٿي. پر گھڻا سرمائيدار سمجھن ٿا ته ھنن لاءِ سمجھ ضروري ناھي، ڇو ته ٻيا ھنن جي بنا اجوري به اھا ھر خدمت ڪن ٿا، جنھن لاءِ ذھن جي ضرورت پئي ٿي. طبقاتي تعليمي سسٽم اھڙائي ته ڪرپٽ عنصر پيدا ڪري ٿو.  قصو ڪوتاھ ڪاري ڌن، عوام جي استحصال، ڏاڍ پرستي ۽ بربريت سان ھلندڙ ھن ملڪ کي جي چئلنجز سامھون آھن، حڪمران ان جو ادراڪ نه ٿا رکن. عام ماڻھو بک بيماري ۾ مرن ٿا، مري جھڙا سانحا روز ٿين ٿا، جن سبب ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي، ھڪ ڀيرو وري چون ٿا ته ائٽمي اثاثن کي خطرو آھي، ھڪ ائٽمي ملڪ کي ائٽمي ھٿيارن سبب خطرو آھي. ڪھڙي نه عجيب ڳالھه آھي! آءِ ايم ايف جي ڄار ۾ ڦاٿل رھڻ جو امڪان ڪي بااثر به ڄاڻائن ٿا. پر اھو ڪيترو خطرناڪ يا خراب آھي، ان جو احساس نه اٿن.

اھوئي سبب آھي جو ان کان بچڻ لاءِ ھٿ پير نه ٿا ھڻن. معاشي ماھر قيصر بنگالي چواڻي انھي بند گھٽي مان نڪرڻ جا  ٻه رستا آھن: ھڪ بجيٽ خسارو گھٽ ٿئي، جيڪو ٿي نه ٿو سگھي، جيستائين غير ترقياتي بجيٽ گھٽ نه ڪئي وڃي. جنھن جو سڌو سنئون اثر دفاعي بجيٽ تي پئجي سگھي ٿو. ٻيو رستو تجارتي خسارو گھٽ ڪرڻ سان نڪرندو، ان تي به ھن ملڪ جي اشرافيا تيار نه ٿيندي. “ سامراجي قرض وغيرہ سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آھي. البت سڀ کان وڏو مسئلو عوام جي غربت، مھانگائي، بيرزگاري آھي ۽ ان جو بنياد بھرحال طبقاتي سسٽم آھي. جنھن کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ ڪجھه ڪن ٿا.

شھباز چيو ھو ته مني بجيٽ پاس ڪرائڻ نه ڏبي. پر اپوزيشن وارن ۾ اھو دم ناھي ته جن جا مفاد ان بجيٽ سان وڌ ۾ وڌ آھن انھن سامھون ٿي سگھن، ٻيو ھن بجيٽ کي پاس ڪرڻ لاءِ سادي اڪثريت جي ضرورت ھئي، ٻه ڀاڱي ٽي نه. مني بجيٽ، مھانگائي سميت مڙني مسئلن جو حوالو ڏئي پيپلز پارٽي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آھي. 27 فيبروري تي اعلانيل ڪراچي کان اسلام آباد مارچ ان مارچ کان مختلف آھي جيڪو فضل الرحمان 23 مارچ کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پھريون ته ايئن جيئن آصف طنز ڪئي آھي ته فضل الرحمان مارچ ڪندو رھيو آھي. اصل طنز اھا آھي ته جنھن اعلانيل مقصد لاءِ فضل الرحمان گذريل مارچ ڪيو ھو تنھن بابت سچ ٻڌڻ لاءِ نه فضل الرحمان تيار آھي نه ان جا ڪارڪن، جن کي ھن تھه سياري ۾ ڌرڻو ھڻايو ھو ۽ ان مارچ جي نتيجن بابت آف دي رڪارڊ عجيب ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون. ھي مارچ مختلف آھي ان ڪري به ته اھو جيڪڏھن اسلام آباد پھتو ۽ ھفتو کن ھليو ۽ اپوزيشن جو اتحاد ٿيو ته نه رڳو عمران خان جي اڏام ٿيندي بلڪ مستقل مفاد جو مفاد خطري ۾ پئجي ويندو. مختلف ان ڳالھه ۾ به ته شھباز ۽ باقي پي ڊي ايم وارا پريشان آھن ته شايد پ پ ميدان مارڻ جي تياري ڪري ورتي آھي ۽ ٻيا ننڌڻڪا ٿي ويندا.

سو ھنن جي ڪوشش آھي ته ان ۾ گڏ ٿين پر سوال اھو آھي ته پوءِ ھنن پ پ کي پي ڊي ايم کان ڌار ڇو ڪيو ھو؟  پاڻ پ پ به نه ٿي چاھي ته صورتحال انتھا ڏانھن وڃي. نياپو اھو وڃي رھيو آھي ته جيڪڏھن عوام سِڙڪن تي آيو ته پوءِ سڀني جو وڏو نقصان ٿيندو، سواءِ عوام جي. اھو ئي سبب آھي ته آصف چيو آھي ته انشاءالله ان ھائوس تبديلي جي سلسلي ۾ سڻائي ٿيندي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏھن ان ھائوس چينج لاءِ ڪوشش ۽ مرحلن ۾ اسٽئبلشمنٽ پاران رڪاوٽ نه پئي، ته مارچ جي ضرورت ئي نه پوندي. سينيٽ ۾ تبديليءَ جي راھ ۾ اھڙي رڪاوٽ وڌي وئي ھئي. مارچ جي ضرورت ان ڪري ھنن سياستدانن کي نه پوندي جو ان جو مقصد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ نه آھي. رڳو چھرن جي تبديلي، رڳو عوام اڳيان اسٽيج تي اداڪاري، رڳو ھڪڙي ٽولي جي سڌن سنون سرڪاري مفادن کان ٻئي ٽولي جي معاشي ۽ سياسي مفادن ڏانھن منتقلي.

اڀ اکئين پيو ڏسجي پر ھاڻي به گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ووٽرن جي اڪثريت پ پ کي ووٽ ڏيندي. پ پ جي گھڻن ئي دشمنن کي اھا ڳالھه سمجھ ۾ نه ايندي آھي ته آخر عام ماڻھو پ پ دشمنن جي ھانءُ ڦاڙ پڪارن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پ پ کي ئي ڇو ووٽ ڏيندا آھن يعني آزمائي کي ڇو آزمائيندا آھن؟  ان جا ڪجھه سبب آھن. في الحال ککر ۾ کڙو نه ٿا ھڻون پر ھڪ سبب بيان ڪندا ھلون ٿا. عوام ايترو جاھل ناھي جيترو پ پ جا ڪٽر دشمن سمجھن ٿا. ھن سامھون ھن جو من گھريو متبادل ناھي، سو عوام جي سوچ ڀٽائي چواڻي:

اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾

مٿي پوءِ پريان، خون منھنجو جيڏيون

سو ماڻھن جي اندر ۾ اھو آھي ته پ پ واري رستي ۾ قربان ٿيون، جيئن ڏنڊ پئي ته ان تي پئي. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ته نه ھنن جي ايجنڊا ۾ آھي نه وري ھنن جي ايجنڊا ۾. جيئن اسان ڏٺو ته عمران خان کي ھٽائڻ لاء اڳ ۾ ڪيل ھڪ مارچ مان ڪو به عوامي مسئلو حل نه ٿيو، جھڙوڪ مھانگائي. پ پ جي ممڪن مارچ سان عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. باقي جي انھي مارچ مان عوام اتساھ وٺي پ پ جي دائري مان نڪري ويو ته پوءِ انھن سڀني مفادپرستن جي قيامت اچي سگھي ٿي.

سياسي ميدان ۾ ڪڏھن ماٺار ھوندي آھي، جيتوڻيڪ سياستدان بيانن جي گجگوڙ لايون ويٺا ھوندا آھن، پر اڄ ايئن ناھي. اڄ سياسي ميدان گرم ۽ پي ٽي آءِ پريشان آھي. ڀلي ته ھن کي ٽيڪ آھي پر سياست جي طاقت به ڪا شي ٿئي ٿي. خاص طور جيڪڏھن عوام ۾ يوٽرني برگرن جي ساک نه ھجڻ واري حقيقت ڏسي، مخالف ڌر جي ڌڙن اتحاد ڪيو ته پوءِ ٻي ڪنھن طاقت جي نه ھلندي. نه رڳو عوامي ميدان ۾ پر پارليامنٽ جي اندر به. سياسي وجود ٻين به تنظيمن، ڌڙن، پريشر گروپن ۽ ڀتاخور گروپن جو آھي پر انھن جي عين ھنن ڏينھن ۾ نه ته ڪا وڏي سرگرمي آھي، نه وري انھن جي آواز کي ليکيو وڃي ٿو.! جھڙوڪ قومپرست سرگرميون. مذهبي شدت پسندي وڌي رهي آهي. پنجاب،خيبر پختونخوا ۾ ۽ سنڌ جي گادي ڪراچي ۾، جتي بدامني به وڌائي پئي وڃي.