قصو سنڌ جي ٽن اهم پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جو!

0
186
مرسون مرسون پر ووٽ وڏيري ڪون ڏيسون!

 سومر ڏينهن 17 جنوري تي صبح سا ننڊ مان اٿي، اکيون مهٽي، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي، مغل شهنشاهه اڪبر وانگر شاهي فرمان جاري ڪيم هوشيار! خبردار! شهنشاهه سنڌ مابدولت ظِل الاهي صاحب جاه و جلال، طوطن پيءُ جي اڳيان چانهه جو ڪوپ حاضر ڪيو وڃي! فرمان ٻڌي طوطن ماءُ چيو حضور جناب ظِل الاهي شهنشاهه سنڌ توهان جو جاه و جلال قائم رهي پر توهان جو مال خانو خالي آهي. پاڪستان جي معيشت وانگر پنڻ پري آهيو. گهر ۾ کنڊ، پتي ۽ کير ڪونهي آئون ڪيئن اچي اوهان جو اڇو منهن ڪريان ۽ ڀريل دربار  توهان کي ذليل و خوار ڪري توهان جي شاهي شان ۾ گستاخي ڪريان! جواب ٻڌي آئون کل ۾ اونڌو ٿي پيس. لاڳيتو بک ۽ بيروزگاري جي ڪري سڀني دڪانن تي مونواري اوڌر جي کاتي تي ليڪ ڏنل هئي.

سو منهن تي پاڻي جا ٻه ٽي ڇنڊا هڻي جهولي سارين سان ڀري وڃي دڪان تي وڪڻي کنڊ پتي ۽ کير وٺي آيس. پوءِ ته طوطن ماءُ اهڙِي وي آءِ پي کير پتي چانهه ٺاهي ڏني جو ڪيا بات هي. تيسين اخبار به اچي وئي. پڙهي ڏٺم ته اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۾ ٽي زبردست پروگرام لڳا پيا هجن. هڪ ميهڙ ۾ ام رباب طرفان جاگيرداري نظام خلاف ڏهاڙو هو. ٻيو سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه هئي ٽيون راهوڪي ۾ شهيد فاصل راهو جي شهادت جو ڏهاڙو هو. اخبار پڙهي رڳ رڳ ۾ شوق پيدا ٿي پيو ته آئون اهي ٽئي پروگرام ڏسان انهن ۾ شريڪ ٿي پنهنجو قومي فرض نڀايان. پر افسوس جو نه کيسي ۾ ڀاڙي جا پئسا هجن نه ڪا ذاتي سواري هئي هڪڙي منڊڙي گڏهه هئي جيڪا اسان وارن چونڊيل ميمبرن وانگر غير متحرڪ هئي. مون دينو ڪنڀار واري گڏهه وٺڻ لاءِ کيس فون ڪيو. معذرت ڪندي چيائين يار طوطن پيءُ! تو لاءِ هڪ گڏهه ڇا هزار گڏهون قربان ڪري ڇڏيان پر ڇا ڪريان مونواري ڀٽاري گڏهه ڍڪي آهي. سا به ڀرين مهينن سان. هڪ کودڙو پيٽ ۾ آهيس ٻيو توجهڙو مواڙ لودڙو مٿان ويٺس ته گذاري ويندي! اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڏک ۾ منهنجو منهن سڄي صفا دمبالي جهڙو ٿي پيو. چيومانس خير آهي ادا آئينده سال خيال ڪجان ته 17 جنوري 2023ع تي تو واري مئڊم گڏهه ڍڪي نه هجي! چيائين پرواهه نه ڪر آئنده سال توکي مونواري گڏهه ٺپ ڦنڊي ملندي! پوءِ وري مون مونواري يار دلدار مٺو مهيري کي اٺ لاءِ فون ڪئي.

چيائين اڄ گهوڙي ٻاهر ٻڌ آئون پاڻ فاضل جي ورسي تي ستن والن جو پٽڪو ۽ ويهن والن جي سلوار پائي اٺ تي چڙهي لئي ڪري وڃان پيو. اهو آسرو به پليم. پوءِ اوچتو يادگيري آئي ته پاڻ واري وزيراعظم وٽ به هڪ هيليڪاپٽر آهي جنهن تي چڙهي هو روز آفيس ويندو آهي. سوچيم هيليڪاپٽر ته جام پئٽرول پيئندو هوندو ان کان موٽر سائيڪل تي وڃي ته روز ويهه روپيا خرچ ٿيندس. وري سوچيم شايد وٽس پنهنجو ڪو تيل جو کوهه آهي تڏهن پيو اهي بلائون اڏاري. مون کيس هيليڪاپٽر  وٺڻ لاءِ بني گالا فون ڪئي چيو مان سائين اڄوڪو ڏينهن توهان ٽانگي تي آفيس وڃو توهان وارو هيليڪاپٽر مون کي هڪ ڏينهن لاءِ اوڌر تي ڏيو ته آئون سنڌ جا اهم ٽي پروگرام اٽينڊ ڪري اچان. رات جو اهو ڌئارائي هاف سروس ڪرائي توهان کي واپس ڪندس!

منهنجو عرض ٻڌي همراهه کل ۾ اونڌو ٿي پيو. چيائين هڪ ته آئون ايري غيري کي هيليڪاپٽر ڏيان ڪونه ٻيو ته ٽانگي ۽ گڏهه گاڏي ۾ ويندس ته مارجي ويندس. اپوزيشن وارا منهنجي پٺيان ڪات ڪهاڙا کنيو پيا هلن. ٽيون ته مون کي جلد آفيس پهچڻو آهي اتي جام ڪم آهن هڪ ته بجلي ۽ پئٽرول جي قيمت وري وڌائڻي آهي ٻيو ته ٽي مني بجيٽ آڻي مهانگائي وڌائڻي آهي. ٽيون اڃا وڌيڪ لک کن گهر ڊاهڻا آهن. چوٿون لک کن ماڻهو نوڪرين مان ڪڍڻا آهن. چيومانس اڇو اٿئي منهن ادا! تون ته صفا ڪو مير رسول بخش وانگر مصروف ماڻهو ٿو لڳين! چيائين منهنجو ڏوهه ڪونهي ادا آءِ ايم ايف جي شرطن اسان جي رن رولي ڇڏي آهي. اتان مايوس ٿي آئون اڪيلو ڏکن جو ماتم ڪرڻ لاءِ ڄامشوري جي هڪ جبل تي چڙهي ويس اتي هڪ دوران ڳجهه سان ملاقات ٿي، سندس چمچاگيري ۽ خوشامد ڪندي چيم ادي ڳجهه اڄ ته صفا ڀلي پئي لڳين گوگي پهلوان جيان بهادر ۽ قلوپطره جهڙي حسين پئي لڳين! تعريف ٻڌي مائي ٺري پئي.

چيائين حڪم ڪر! ڪٿي ڍونڍ کائڻو هجي آئون پنهنجي اهل عيال سميت حاضر آهيان! چيومانس نه ادي ڳجهه اڄ مون کي سنڌ جي ٽن اهم پروگرامن ۾ وڃڻو آهي پر نه اٿم ڪا سواري نه کيسي ۾ ڀاڙو مهرباني ڪري مون کي اوڏانهن کڻي هل! چيائين آئون پکيئڙو تون ڳري بلا مون کان کڄندين؟ چيومانس همت ڪر عمران خان آءِ ايف ايف جي ڳرن شرطن جو بار کنيو پيو هلي. شريف فيملي وارا ۽ پاڻ وارو رئيس وڏو ڳرن ڪيسن جا بارکنيو پيا هلن باقي آئون غريب جو ٻار توکان ڪونه کڄندس؟  اهو ٻڌي ڳجهه ۾ ساهه پئجي ويو. پوءِ آئون مٿس لانگ ورائي ائين چڙهي ويٺس جهڙو سرگس لهڻ لاءِ گهوٽ گهوڙي تي ويٺو هجي. پهرين اڏامي آئون ام رباب جي ريلي ۾ ميهڙ پهتس. شهيدن جي قبرستان ۾ دعا گهري اتي رٿيل جلسي ۾ شريڪ ٿيس. منهنجي من ۾ باهيون هجن ته جاگيرداري نظام جا ڌاڻا ڪڍڻ لاءِ ڪا قهر جي تقرير ڪري اندر جي باهه ٺاريان. مون تقرير لاءِ ڪمپيئر کي عرض ڪيو تنهن تعارف پڇيو چيومانس آئون سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، ڪالمتي، سگهڙتي، ادنيٰ ڪارڪن آهيان.! چيائين صفا ڪو پاڻ وارو گورنر ٿو لڳين نالو ۽ ذات ٻڌاءِ؟ چيومانس طوطن پيءُ منگسي حيران ٿي ويو چيائين ايترن چانڊين ۾ تون هڪڙو منگسي! چيم ها هيترن چانڊين ۾ هڪڙو منگسي به هجي جيڪو شاعري ۾ ڪم اچي.

اهو ٻڌي هو خوش ٿيو ۽ مون کي تقرير لاءِ سڏيائين. مون اهڙي قهر جي تقرير ڪئي جو هڻي جاگيردارن ۽ سردارن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيم. هيٺ لٿس ته سردارن جي هڪ چمچي مون کي ڪن ۾ اچي چيو اڄ تو اهڙو گند ڪيو آهي جو سردار توکي مارائي ڇڏيندا! اهو ٻڌي آئون ائي رڦڻ لڳس جهڙو هو اتي پٽڪي جو پڇ پيو لڏي. پوءِ موت جي ڊپ کان آئون اڇا اڇا پير ڏئي ٻاهر نڪتس ۽ ڳجهه تي چڙهي اچي سائين جي سالگرهه ۾ سن پهتس. ڳجهه چيو مون کي بک لڳي آهي آئون ڪٿان ڍونڍ کائي اچان ٿي. آئون وڃي سن ۾ پهتس ڏٺم ته اتي الڳ الڳ پنج جلسا لڳا پيا هجن. ائين جلال شاهه جي ايس يو پي، بشير خان قريشي واري جسقم، رياض چانڊئي واري جسم، نواز خان زنئور واري پارٽي، ۽ جسقم آريسر گروپ وارا ڪل پنج پارٽيون ۽ پنج الڳ الڳ جلسا. ڀائو قمر ڀٽي گذاري ويو آهي نه ته ڇهون جلسو ان جو به هجي ها. آئون منجهي پيس ته ڪهڙي جلسي ۾ وڃان. هڪ ۾ وڃان ها ته ٻيا دل ۾ ڪن ها سو سڀ پيران دا خير واري اصول تي هلي هڪ وڏي ڪنڊي تي ويهي پنجنئي جلسن جون ڪارروايون ٻڌم. آخر ۾ سائين جي ايم سيد جي قبر تي وڃي فاتحه پڙهيم ڏٺم ته سائين روئي رهيو هو. چيائين منهنجو هڪ پيغام، هڪ منشور هڪ جهنڊو پر منهنجي پارٽي ۾ هيترا گروپ ڏسي منهنجو هانءُ ڇڄي پيو آهي. سائين جي ڳالهه صحيح هئي آئون به سائين جي ڏک ۾ شامل ٿي هنجهون هارڻ لڳس. نيٺ اتان نڪري وڃي ڳجهه وٽ پهتس.

پوءِ ڳجهه تي چڙهي اچي شهيد فاضل جي ورسي ۾ راهوڪي پهتس. اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته شهيد فاضل جي مزار تي پنڊال مٿان پي پي جا ٽه رنگا جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا. ٽي چار سال اڳ وري مسلم ليگ نون جا ساوا جهنڊا پئي ڦڙڪيا. شروع ۾ سدائين عوامي تحريڪ جا ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪندا هئا. اتي مشاعرو ۽ ادبي محفل هجي جنهن ۾ محترم اسماعيل راهو، خليل قاضي، دودي مهيري، مٺو مهيري، جامي چانڊيو، پروفيسر عبدالله ملاح، آڪاش انصاري ۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن گيت، غزل، نظم ڳائي، مقالا مضمون پڙهي تقريرون ڪري شهيد فاصل کي ڀيٽا ڏيندي اندر جون باهيون پئي ڪڍيون. مون تقرير ڪري اندر ٺارڻ لاءِ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي گيٽ جي ٻاهران پوليس وارو وڇون جي ڏنگ جهڙيون وڏيون مڇون وٽيو بيٺو هو. اندر ويس ته وري ٻيو پوليس وارو بنهه وڏين مڇن سان بيٺو هو.

هو پاسيرو ٿيو ته اندر هليو ويس اتي ٽيون پوليس وارو بيٺو هو. تنهن گيٽ پاس گهري، مون وٽ هئي ڪانه کيس ۾ هٿوراڙيون هڻي راڻي باغ واري ٽڪيٽ ڏنيمانس همراه ڪو ٺپ آڱوٺي ڇاپ هو تنهن مون کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني. منهنجي ۽ پوليس وارن جي ريڙهه پيڙهه ۾ پروگرام ختم ٿي ويو ۽ همراهه ائين رش ڪري انهن ٻاهر نڪرڻ لڳا جهڙو ٻڪرين جي واڙي جو در کليو هجي. آئون اتان ٿي شهيد فاضل جي مزار تي دعا گهرڻ آيس. مون کي شهيد فاضل سڏ ڪيو. آئون اندر لهي اصلي قبر وٽ پهتس اصلي قبر مان آواز آيو ڪامريڊ ڪر خبر مونواري مزار ۽ ورسي جي پنڊال ۾ ڪڏهن ڪهڙي رنگ جا ته ڪڏهن ڪهڙي رنگ جا جهنڊا ڇو ٿا ڦڙڪايا وڃن؟ چيومانس سنڌ جا عظيم شهيد انهي ۾ اسان تنهنجي عاشقن جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. اصل ۾ تنهنجو پٽ محترم اسماعيل راهو پنهنجو ساهه بچائڻ لاءِ مختلف پارٽيون بدلائي هاڻي پ پ ۾ اچي وزير ٿيو آهي پر الله جا لک شڪر آهن جو سندس گڻ اوگڻ انهن وارا ڪونه ٿيا آهن. منجهسفرعونيت ڪانهي. فاضل مسڪرائي چيو آخر ته فاضل جو پٽ آهي! چيومانس بيشڪ سچ ٿا چئو سنڌ جا عظيم شهيد رهنما! پوءِ کانئس موڪلائي ڳوٺ پئي آيس ته شاهه سائين جو هي شعر ذهن تي تري آيو:

راهو تنهنجي ريت پرکنڊي پڌري

گهڻا گهوڙي چاڙهيئي مسافر ميت

پڇين ڪا نه وڏيت، جي آيا سي اگهيا (شاهه)