راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا   چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٻاهرين ۽ اندرين قوتن جي عزمن کي ناڪام بڻائينداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ افغانستان جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ان حوالي سان آرمي چيف جو چوڻ هو ته بارڊر مئنيجمينٽ سبب پاڪستان جون سرحدون ۽ داخلي سلامتي برقرار آهي، امن لاءِ پاڪستان جو عزم پختو آهي ۽ علائقائي اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ سهڪار خوشحال ۽ پرامن خطي لاءِ ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٻاهرين ۽ اندرين قوتن جي عزمن کي ناڪام بڻائينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته آرمي چيف مختلف خطرن خلاف فوج جي سهڪار ۽ ڪردار کي ساراهيو، هن افغانستان مان پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ فوج جي سهڪار ۽ ڪردار جي تعريف ڪئي، گڏوگڏ آرمي چيف ڀارتي رياستي جبر ۽ تشدد کي منهن ڏيندڙ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سينيئر ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي ڀيٽا به پيش ڪئي.