اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ به بدتميزي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪالهه حڪومتي  وزيرن جي الزامن تي پارلياماني ڪاميٽي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندڙ اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن کي واپس آڻڻ لاءِ پارلياماني مامرن جو مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ ڪاميٽي ميمبر ڪامران مرتضيٰ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن وٽ ويا،  جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري اجلاس ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو، جنهن جو چوڻ هو ته ايوان صدر ۾ به گذريل  خميس ڏينهن تي وزيرن بدتميزي ڪئي، اڄ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام لڳايا ويا آهن اهڙي ماحول ۾ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ٿا ڪري سگهون. هوڏانهن نواز ليگ جي سينيٽر افنان الله جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪمشن جي ميمبرن کي اعظم سواتي ڌمڪيون ڏنيون ته صدر ساٿ ڏيڻ بدران اليڪشن ڪميشن جي نمائندن کان پڇو ته استعيفا ڪڏهن ڏيندا؟