ملير: پٿردل مامـَي يتيم ڀاڻيجيءَ جون آڱريون وڍي ڇڏيون: جاچ ٽيم قائم

0
262
ملير: پٿردل مامـَي يتيم ڀاڻيجيءَ جون آڱريون وڍي ڇڏيون: جاچ ٽيم قائم

ملير: ملير جي شاهه لطيف ٽائون ۾ پٿردل مامـَي خيرپور واسڻ يتيم ڀاڻيجيءَ جون مبينا طور آڱريون وڍي ڇڏيون
پوليس موجب متاثر ٻارڙي جي وارثن جنسي زيادتي جو به شڪ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا نشان واضح آهن
متاثر ٻارڙيءَ جي چاچـِي جو چوڻ آهي ته جوابدار سلمان لاشاري 7 ورهين جي ڀاڻيجيءَ تي بدترين وحشياڻو تشدد ڪيو
زخمي ٻارڙي جو چوڻ آهي ته مامي ۽ سندس زال تشدد ڪري ڇري سان سندس آڱريون وڍي ڇڏيون آهن
جوابدار ٻارڙيءَ جي ماءُ کي به 2 ڏينهن تائين قيد رکيو، ٻارڙي جوابدار جي ڪفالت هيٺ هئي
ٻئي پاسي شاهه لطيف ٽائون ۾ نينگري تي تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ملير موجب نينگري جي چاچي رفيق لاشاري جي فريا دتي ڪيس داخل ڪيو ويو
ايس ايس پي موجب، ڪيس ۾ نامزد جوابدار سلمان ۽ سندس زال ثمرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، کيس ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي
ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ خصوصي ٽيم به جوڙي وئي آهي