انقلاب ته اچڻو آهي پوءِ ووٽ سان نرم يا رتوڇاڻ وسيلي تباهه ڪندڙ: عمران خان جي ڌمڪي

0
364
انقلاب ته اچڻو آهي پوءِ ووٽ سان نرم يا رتوڇاڻ
انقلاب ته اچڻو آهي پوءِ ووٽ سان نرم يا رتوڇاڻ وسيلي تباهه ڪندڙ: عمران خان جي ڌمڪي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته انقلاب ته اچڻو آهي پوءِ ووٽ سان نرم يا رتوڇاڻ وسيلي تباهه ڪندڙ، پوئتي نه هٽندس
هن چيو ته عوام بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙن سان گڏ بيٺل نه آهي، قوم جو آواز ٻڌو ۽ ڏسو ته قوم ڪهڙي پاسي بيٺل آهي، جيڪو به چورن سان گڏ بيهندو اهو به انهن سان رنگيو ويندو
ڪامونڪي ۾ لانگ مارچ کي خطاب دوران عمران خان چيو ته پاڪستاني قوم رڍون ٻڪريون ناهي جو انهن کي هڪليو وڃي
پي ٽي آءِ چيئرمين چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف 10 ارب روپين جي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان به ڪيو
عمران خان چيو ته ساک کي ڌڪ رسائڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي عدالت ۾ بيهاري هن کان هرجاڻي جا پئسا ڪڍرائيندس
عمران خان لانگ مارچ دوران پنهنجي ڪنٽينر هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿيل رپورٽر صدف نعيم جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت به ڪئي
گذريل ڏينهن رپورٽر جي فوت ٿيڻ سبب لانگ مارچ روڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ڪامونڪي مان اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو