ملير مان ٻه جوابدار جعلي ڪرنسي سوڌو گرفتار

0
716

ملير (اسٽاف رپورٽر) اسٽيل ٽائون جي علائقي مان ٻن جوابدارن کي جعلي ڪرنسي سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب انٽيليجنس اطلاع تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن محمد عمران ۽ غلام فريد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 5 لک کان وڌيڪ جعلي نوٽ، موبائل فونز ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل به تحويل ۾ ورتي وئي، جوابدارن شهر جي مختلف مارڪيٽن ۾ جعلي ڪرنسي خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، جوابدارن جاچ دوران معمولي رقم جي عيوض جعلي ڪرنسي کپائڻ جو به اعتراف ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان بر آمد ڪيل موبائل فونز جو سائنسي تجزيو ڪرايو ويندو ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي..