نندو ڀرسان 15 گهرن کي باهه، هر شئي سڙي رک

0
216
ڀرياسٽي: ڳوٺ ڪانڊيرو

نندو (ن پ ا) نندوشهر ڀرسان ڳوٺ مولي ڏنو خاصخيلي ۾ باهه لڳڻ ڪري 15 کان وڌيڪ پورهيتن جا گهر سڙي رکي ٿي ويا، اطلاع باوجود باهه وسائڻ وارو عملو نه پهتو، باهه لڳڻ سبب عبدالرحمان، عثمان، اسماعيل، سڪندر، الهڏنو، حجام، رامچند ۽ ٻين جا گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، ان ۽ ٻيو قيمي سامان به سڙي ويو، فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ تي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن.