ملير(رپورٽر) ملير  جي قديم وسندي ڳوٺ مورند قيصراڻي تي هٿياربندن جو حملو: 4 زخمي: 2 ڳوٺاڻا اغوا، هٿياربندن هڪ ڳوٺاڻي کي زخمي حالت ۾ نيشنل هاءَ وي تي ڦٽو ڪري ويا، ڳوٺاڻن جو مظاهرو، ان ڏس ۾ ڳوٺ مورند قيصراڻي ۾ شهيد رسول بخش قيصراڻي لائبريري ويجهو هٿياربندن حملو ڪري 4 ڳوٺاڻن عبدالقادر، غلام مصطفيٰ، عبدالرزاق ۽ محمد ادريس کي زخمي ڪري ڇڏيو، هٿياربند محمد ادريس ۽ زخمي ٿيل ڳوٺاڻي عبدالرزاق قيصراڻي کي اغوا ڪري ويا، جن مان زخمي عبدالرزاق کي تشدد بعد نيشنل هاءِ وي تي اڇلائي ادريس قيصراڻي کي گم ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي خلاف ملير پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن اياز قيصراڻي، غني خاصخيلي ، غلام رسول پنهور، فيروز قيصراڻي، اشرف ڪلمتي ۽ غلام رسول ڪلمتي چيو ته مورند قيصراڻي ملير جو قديم ڳوٺ آهي، جتي اسٽيل ٽائون ۽ بن قاسم ٿاڻن کي گهربل لينڊ گريبر اسلم، نادر ۽ ايوب قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته اسان گذريل ڏينهن ڳوٺ تي حملي، ڳوٺاڻن تي تشدد ۽  2 ڳوٺاڻن جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ بن قاسم ٿاڻي تي وياسين، پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،هنن انصاف جي اپيل ڪئي