مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجهو گولي لڳڻ سبب همراهه مبينا قتل، وارثن پڦاٽ تي گهر گهرائي مارڻ جو الزام هنيو آهي، الزام هيٺ آيل ڌر جو چوڻ آهي ته پسٽل مان گولي ڇٽڻ سبب همراهه مارجي ويو، هنن کيس قتل ناهي ڪيو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ دلبر آباد واسي گلزار علي ولد رسول بخش ڀٽو گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، مقتول جو لاش مورو اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي پٽ ذاڪر ڀٽو الزام هنيو ته سندس پيءُ کي شاهن ڀٽو فون ڪري ڳوٺ خان محمد سولنگي ۾ گهرائڻ بعد گولي ھڻي زخمي ڪيو، جنھن کي اسپتال کڻي وڃي رھيا هئاسين ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته سندس والد زخمي حالت ۾ ٻڌايو ته کيس شاھن ڀٽو گھرائي گولي ھنئي آهي، مقتول جي پٽ موجب جوابدار ڌر سندن ويجهي عزيز ۽ شاهن ڀٽو والد جو پڦاٽ آهي، ڪجھه وقت اڳ اسان جو مزدوري جي معاملي تان شاھن ڀٽو واري ڌر سان جھيڙو ٿيو ھو، جنھن کانپوءِ اسان لڏو کڻي وارياسو ۾ گھر ٺاھي ويٺا ھئاسين، ڪالهه والد کي هنن گھرائي بيگناهه قتل ڪيو، ھوڏانھن الزام هيٺ آيل شاھن ڀٽو جي ڀاءُ عبدالحميد ڀٽو ٻڌايو ته گلزار ڀٽو کي هنن قتل ناهي ڪيو، هو پنھنجي پٽ سان گڏ اسان وٽ آيو ھو، جنهن منھنجي ڀاءُ کي چيو ته پسٽل تي زنگ چڙھي ويو آھي، صاف ڪري ڏئي، جنھن کي صاف ڪرڻ دوران گولي ڇٽي وئي، جيڪا هن کي لڳي، کيس اسان قتل ناهي ڪيو، هن چيو ته اسان جي پاڻ ۾ ڪا به دشمني ناھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،