ملير: فون تي ڳالهائڻ جو الزام، ناري جا مبينا طور وار ڪتريا ويا

0
326
ملير: فون تي ڳالهائڻ جو الزام

ملير (رپورٽر) ملير ۾ فون تي ڳالهائڻ جو الزام ھڻي ناري جا مبينا طور وار ڪتريا ويا آھن،  فون تي ڳالهائڻ جو الزام ھڻي مڙس، سهري ۽ ڳوٺ جي وڏيري پاران مبينا طور ناري جا وار ڪتري تذليل ڪئي وئي آھي

ان سلسلي ۾ متاثر ناري سڪينا جو چوڻ آھي تھ مڙس ايوب ۽ سهرو موسيٰ فون  تي ڳالهائڻ جو الزام هڻي وڏيري وٽ وٺي ويا

ناري سڪينا موجب وڏيري ابوبڪر قاسماڻي سزا  طور وار ڪترڻ جو حڪم ڏنو، وار ڪترڻ بعد مڙس ڏيڊ  سال جي معصوم ڌيءُ به کسي  ڇڏي آھي، ظلم ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي

ناري سڪينا جي شڪايت  بعد پوليس مڙس ۽ سهري کي  گرفتار ڪري ورتو  آھي، پوليس موجب ناري جي دانھن تي ڪارروائي ڪئي وئي آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي

ھي به پڙھندا

گڊو ويجھو پنجاب جي ڪوٽ مٺڻ ٿاڻي جي حد ۾ ناري سان مبينا اجتماعي لڄالٽ

سعودي شهري سڪون واري زال جي ڳولا ۾ 53 شاديون ڪري وڌيون