سعودي شهري سڪون واري زال جي ڳولا ۾ 53 شاديون ڪري وڌيون

0
809

رياض (انٽرسٽنگ نيوز)  سعودي شهري “سڪون” جي ڳولا ۾ 43 سالن دوران 53 شاديون ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 63 سالن جي سعودي شهري ابو عبدالله 43 سالن ۾ 53 مختلف عورتن سان شاديون ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن سبب کيس ”صدي جو پوليگامسٽ“ سڏيو ويو آهي

هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته هن وقت صرف هڪ عورت سان شادي آهي ۽ وڌيڪ شادي ڪرڻ جو ارادو ناهي. ابو عبدالله جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن مون 20 سالن جي عمر ۾ پهرين شادي ڪئي ته منهنجي ٻي شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو ڇو ته مان مطمئن هئس ۽ گهر ۾ ٻار به هئاStep Feed

ڪجهه عرصي کانپوءِ منهنجي ۽ منهنجي زال جي وچ ۾ ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا، ان ڪري مون 23 سالن جي عمر ۾ ٻي شادي ڪئي ۽ پهرين زال کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو، پوءِ ٻي زال سان به جهيڙا ٿيا، ان ڪري مون ٽين شادي ڪئي

پوءِ ٽئين ۽ پوءِ چوٿين شادي ڪئي ۽ پهرين زالن کي طلاق ڏئي ڇڏي.  ابو عبدالله انٽرويو دوران ٻڌايو ته اهڙي طرح هن 43 سالن ۾ 53 مختلف عورتن سان شاديون ڪيون آهن ۽ مختصر ترين شادي هڪ رات تائين هلي

ھي به پڙھندا

والاريل ڪشمير ۾ 3 ٻارن جي ماءُ ميٽرڪ ۾ ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي