ڪراچي: اين اي 237 تي ننڍي چونڊ جي پولنگ دوران جھيڙو، پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار ۽ پ پ ڪارڪن زخمي

0
265

ڪراچي: ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 237 ملير تي ننڍي چونڊ جي پولنگ دوران جهيڙو ٿي پيو، پي ٽي آءِ جو ايم پي اي بلال غفار ۽ پيپلزپارٽي جو ڪارڪن زخمي ٿي پيا

 پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سليم بلوچ ۽ ٻين تي قاتلاڻي حملي جا الزام ھنيا ويا آھن، زخمي ٿيل ايم پي اي بلال غفار کي اسپتال پهچايو ويو

Homes of PTI workers are being raided, Bilal Ghaffar | PiPa News

بلال غفار چيو آهي ته غازي ڳوٺ ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سليم بلوچ ۽ ٻين حملو ڪيو

علي زيدي ۽ ٻيا اڳواڻ اسپتال پهچي ويا، حملي ۾ ملوث پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 جهيڙي دوران پيپلزپارٽي جو ڪارڪن دانش کوکر به زخمي ٿي پيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن تي حملي جا الزام ھنيا ويا آھن

 آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلال غفار واري معاملي تي ڪارروائي ڪئي ويندي، پولنگ اسٽيشنس اندر ڪيمرائون لڳل آهن، ڪيمرائن جي ريڪارڊ مان جاچ ۾ مدد ملندي

ٻئي پاسي  ملير 15 جي آسو ڳوٺ واري پولنگ اسٽيشن تي به ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ڪيترائي ماڻهو پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿي ويا، پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا طلب ڪيا ويا

ھي به پڙھندا

پشاور جي قومي تڪ تي عمران خان جو اي اين پي جي حاجي غلام احمد بلور سان مقابلو

چونڊ عمل پرامن نموني جاري آھي، پولنگ اسٽيشنن تي ڪا به بدنظمي برداشت نه ڪئي ويندي: صوبائي اليڪشن ڪمشنر