ملير:رزاق آباد مان گم ڄاڻايل شهري اشرف ڪلمتي کي مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
213
ملير:رزاق آباد مان گم ڄاڻايل

ملير (رپورٽر) ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس پاران رزاق آباد مان کنڀي گم ڄاڻايل شهري اشرف ڪلمتي کي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته سومار ڳوٺ وٽ مقابلي ۾ محمد اشرف کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي

پوليس موجب زخمي جوابدار اشرف ڪلمتي سرڪاري پارڪو جي تيل لائين مان تيل چوري ڪرڻ وارن واقعن جو ماسٽر مائينڊ آھي

 گذريل رات اشرف ڪلمتي جي وارثن احتجاج ڪندي چيو هو ته اسٽيل ٽائون پوليس اشرف کي 2 ڏينهن اڳ رزاق آباد مان  کنڀڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، وارثن پوليس پاران ڪوڙي مقابلي ۾ اشرف کي مارڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

احتجاج رنگ لاتو، نياز علي ٻرڙو سميت 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري